لنڊن ۾ پٽ جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿي نه سگهنديس: مريم نواز

0
718
مريم نواز جي پٽ جي شادي
لنڊن ۾ پٽ جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿي نه سگهنديس: مريم نواز

لاهور: ن ليگ جي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته منهنجو پٽ جنيد صفدر 22 آگسٽ تي عائشه سيف الرحمان سان شادي ڪندو، شادي جي تقريب لنڊن ۾ ٿيندي، بدقسمتي سان مان شادي ۾ شرڪت نه ڪنديس، منهنجي خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا ۽ منهنجو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو . پنهنجي ٽويٽ پيغام ۾ مريم نواز چيو ته مان جيل ۾ هيس جڏهن منهنجي والده فوت ٿي وئي ۽ هاڻي مان پنهنجي پٽ جي خوشيءَ ۾ شريڪ نه ٿي سگهنديس، ان جي باوجود به حڪومت کي ٻاهر وڃڻ لاءِ درخواست نه ڪنديس.