پي ڊي ايم پاران آگسٽ جي آخر ۾ حڪومت مخالف جلسا شروع ڪرڻ جو اعلان: نواز شريف علاج بنا واپس نه ايندو: پي ڊي ايم

0
291
پي ڊي ايم جو سربراهي

اسلام آباد: پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ آگسٽ جي آخر ڌاري حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سربراهي اجلاس بعد بريفنگ ڏيندي پي ڊي ايم سربراه مولانا فضل الرحمان چيو ته هن وقت ملڪ انتهائي سنگين حالتن مان گذري رهيو آهي، ملڪ ۾ آئيني ادارا مفلوج آهن، اظهار راءِ جو ڳلو گهٽيو ويو آهي، ميڊيا تي بدترين پابنديون آهن، صحافين تي حملا ٿي رهيا آهن،

ان صورتحال جو نوٽيس وٺندي مذمت ڪئي وئي. هن چيو ته حڪومت هڪ طرفين اليڪشني سڌارن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ مشين جي به ڳالهه ڪئي آهي ته اها مشين ڌانڌلين لاءِ آندي پئي وڃي، ان کي رد ڪيون ٿا. مولانا چيو ته نيب ۽ ايف آءِ اي سياسي ادارا بڻجي چڪا آهن، ساک وڃائي چڪا آهن، آفتاب شير پائو کي پي ڊي ايم جو سينيئر نائب صدر چونڊيو ويو آهي.

پي ڊي ايم پنهنجون توانايون صاف شفاف چونڊن لاءِ صرف ڪندي. هن چيو ته 21 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ جيڪي تجويزون هن اجلاس ۾ پيش ٿيون تن تي سمورا اڳواڻ پنهنجين پارٽين سان مشاورت ڪري ايندا ته جيئن اتفاق راءِ سان گڏيل لائحه عمل جوڙي سگهجي. 28 آگسٽ تي ڪراچي ۾ سربراهي اجلاس ٿيندو ۽ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي تجويزن تي غور ڪري فيصلا ڪيا ويندا. 29 آگسٽ تي ڪراچي ۾ عظيم الشان جلسو منعقد ڪيو ويندو.