لنڊن (م ڊ) برطانيا جي حڪمران جماعت سان واسطو رکندڙ پارليامينٽ ميمبر سر ڊيوڊ اميس قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويو، هن تي تڪ جي دوري دوران ان وقت چاقو سان حملو ڪيو ويو جڏهن هو چرچ ۾ هو. چاقو سان ڪيل حملي سبب هو سخت زخمي ٿي پيو هو. 69 ورهين جو پارليامينٽ ميمبر سر ڊيوڊ ايمس ڪنزرويٽو پارٽي جو پارليامينٽ ميمبر هو، پوليس اطلاع ملڻ تي حملو ڪندڙ کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن جي عمر 25 سال آهي ۽ استعمال ٿيل چاقو به هٿ ڪيو ويو آهي. سر ڊيوڊ ايمس تي جنهن وقت حملو ٿيو ان وقت هو ميٿوڊسٽ چرچ ۾ پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان ملي رهيو هو. واقعي بعد ملڪ ۾ سوڳ ڇانيل آهي. وزيراعظم بورس جانسن، پادرين ۽ عام ماڻهن کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي.