پوليس نفري گهٽ هُجڻ سبب مختيار ڪار ۽ سندس ڀاءُ واجد مٿان تشدد ٿيو: ڊي سي جي رپورٽ

0
480
پوليس نفري گهٽ هُجڻ سبب مختيار ڪار ۽ سندس ڀاءُ واجد مٿان تشدد ٿيو: ڊي سي جي رپورٽ
پوليس نفري گهٽ هُجڻ سبب مختيار ڪار ۽ سندس ڀاءُ واجد مٿان تشدد ٿيو: ڊي سي جي رپورٽ

حيدرآباد: پوليس نفري گهٽ هُجڻ ۽ دير سان پُهچڻ سبب ڏنڊا بردار ماڻهن  مختيار ڪار ماجد ۽ سندس ڀاءُ واجد مٿان تشدد ڪيو، پوليس اهلڪار به ڏنڊا برادر ماڻهن جو نشانو بڻيا: ڊي سي حيدرآباد قاسم آباد ۾ مختيارڪار جي گهر مان نوجوان عثمان سومرو جو لاش هٿ اچڻ ۽ هجوم جي حملي بابت شروعاتي رپورٽ ڪمشنر ڏانهن اُماڻي ڇڏي،

ٽائيم نيوز رپورٽ جي ڪاپي هٿ ڪري ورتي، ڊي سي ڄاڻايو آهي ته نوجوان جو لاش هٿ اچڻ بعد نسيم نگر ٿاڻي جي پوليس پهتي، واقعي جي جاچ جاري هئي ته عثمان سومرو جَي ڏنڊا بردار وارثن مختيارڪار ماجد ۽ سندس ڀاءُ واجد مٿان حملو ڪيو، پوليس اهلڪار به ڏنڊا بردار ماڻهن جو نشانو بڻيا، مڇريل ماڻهن تشدد سان گڏ ملڪيتن کي نقصان پهچايو، واقعي مان ظاهر ٿيو ته صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اُماڻيل پوليس نفري انتهائي ناڪافي هئي،

رپورٽ ۾ حيدرآباد پوليس جي ڪمزور صلاحيت تي ڳڻتي جو اظهار، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس آڏو مامرو اُٿاري مختيارڪارن کي سيڪيورٽي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي.