ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ تي 20 آڪٽوبر تي ووٽنگ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسپيڪر عبدالقدوس بزنجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان بلوچستان عوامي پارٽي کي متحد ڪنداسين. هن چيو ته وڏو وزير ڄام ڪمال بي اعتمادي رٿ جو مقابلو ڪرڻ چاهي ٿو ته ڪري، 20 آڪٽوبر تي بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي ويندي. ان ڏينهن خبر پوندي ته ڪير ڪنهن سان گڏ آهي ۽ ڪنهن کي ايوان جو اعتماد حاصل آهي.