لاھور: 60 کان وڌيڪ ڀيرا چالان ڪرڻ واري گاڏي نيٺ پڪڙجي پئي

0
148

ڪراچي: لاهور ۾ 60 کان وڌيڪ ڀيرا چالان ڪرڻ واري ڪمرشل گاڏي کي پوليس آخر ڪار پڪڙي ورتو.

سٽي ٽريفڪ آفيس لاهور جي موجب اي چالان ٽيم فصل ٽائون ۾ ڪارروائي دوران 63 ڀيرا چالان واري ڪمرشل گاڏي کي پڪري ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڊرائيور 19 ڀيرا اوور اسپيڊنگ ڪئي، 11 ڀيرا لين لائن جي ڀڃڪڙي ۽ 33 ڀيرا ٽريفڪ سگنل جي ڀڃڪڙي ڪئي.

سٽي ٽريفڪ آفيس لاهور جو چوڻ آهي ته ڊرائيور تي 39 هزار 500 رپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي.