تاجڪستان ۾ وزيراعظم جي موجودگي ۾ واپاري کي تنقيدي نظم پڙهڻ کان روڪيو ويو

0
232

ڪراچي(م ڊ) تاجڪستان ۾ بزنس فورم جي اجلاس ۾ هڪ واپاري طرفان تنقيدي نظم پڙهڻ تي کيس روڪيو ويو.

گذريل ڏينهن دو شنبي ۾ پاڪستان، تاجڪستان گڏيل بزنس فورم جو آغاز ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان خطاب ڪيو.

بزنس فورم جي اجلاس بعد اتي موجود هڪ بزنس مين جو چوڻ هو ته حڪومت پاڪستان پبلڪ سيڪٽر جي ٻارڙن کي اسڪالر شپ ڏئي رهي آهي پر هي اسڪالر شپ پرائيويٽ سڪيٽر جي ٻارن کي ڏني پئي وڃي، منهنجي رزاق دائود ۽ وزيراعظم کي گذارش آهي ته هن ڳالهه تي غور ڪن.

ان ئي موقعي تي بزنس مين چيو ته عمران خان صاحب جي لاءِ هڪ شعر آهي، اتنے ظالم نہ بنو، عمران بھائی آپ کے لیے ۔آپ تو اب ایک قیدی ہوگئے، جب کنٹینر پر تھے تو زبردست تھے ۔ اب تو پتہ نہیں کن کے چکروں میں آپ آگئے ہیں۔ وہ کہتا ہے کہ اتنے ظالم نہ بنو کچھ تو مروت ہی سیکھو.

شاعر جي طرفان تنقيدي شعرو شاعري ڪرڻ جي دوران رزاق دائود هٿ کان اشارو ڪندي کيس شاعري کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان موقعي تي سرڪاري ٽي وي جو آواز به بند ٿي ويو، بعد ۾ وزيراعطم عمران خان ان بزنس مين شاعر کي چيو تھ ھي بزنس فورم آھي، اڳ ۾ بزنس جون ڳالھيون ڪيو پوءِ شعر شاعري بھ ٿيندي رھندي.