لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ينگ ڊاڪٽرز ايسوسئيشن پاران ٽئين ڏينهن به ڊاڪٽر شانتي لال جي وڊيو ڀري کيس بليڪ ميل ڪرڻ خلاف شيخ زيد اسپتال جي پيڊس بلاڪ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.ان موقعي تي ڊاڪٽر فضل قادر، ڊاڪٽر فهيم خشڪ، ڊاڪٽر محمد زمان، ڊاڪٽر هنسراج، ڊاڪٽر صوبيه، ڊاڪٽر انوراڌها چيو ته11 سيپٽمبر تي ارسلان حبيب چانڊيو نالي اسان جي سينيئر پروفيسر ڊاڪٽر شانتي لال جي ويڊيو ڀري کيس بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.جيسيتائين ارسلان حبيب چانڊيو خلاف ڪاروائي نه ٿيندي تيسيتائين اسان جو احتجاج جاري رهندو. ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل ارسلان حبيب چانڊيو جي پيرسن پيءُ چانڊڪا اسپتال جي اي ايم ايس ڊاڪٽر گلزار تونيو سان گڏجي ڊاڪٽرن جي ڪئمپ ۾ اچي ڊاڪٽرن کان معافي ورتي جنهن تي ڊاڪٽرن کيس معافي ڏيندي ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.