مدئجي (ن پ ا) مدئجي جي عباسي محلي جي رهواسڻ شادي شده ناري مڙس جي مبينا تشدد کان تنگ ٿي 3 ورهين جي معصوم پٽ سميت وومين سيل پهچي تحفظ جي اپيل ڪئي. آهي جنهن کي وومين سيل جي پوليس پاران چوٿون ايڊيشنل ۽ سيشن جج لاڙڪاڻو حفظ الرحمان ميمڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي ناري صبا پروين دل جو چوڻ هو ته مڙس عبدالقادر دل خرچ نه ڏيندو هو خرچ گهرڻ تان تشدد ڪندو هو جنهن جي شڪايت گهر ڀاتين کي ڪئي پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو هن جو وڌيڪ چوڻ هوته پيءُ عبدالله دل مڙس عبدالقادر دل ڏيرن عبدالڪريم عبدالسميع عبدالقيوم ۽ سهري گلاب الدين دل مان جان جو خطرو آهي تحفظ ڏنو وڃي,ناري جي اهڙي بيان بعد عدالت ناري صبا پروين زال عبدالقادر دل کي 3 ورهين جي پٽ محمد لقمان سميت دارالامان موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جنهن بعد کيس دارالامان نيو ويو آهي.