ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ نينگر پنهنجي گاڏي ٻين ٻن گاڏين سان ٽڪرائي ڇڏي، گاڏين ۾ سوار ماڻهو معجزاڻي طور محفوظ، پوليس موجب ڊفينس اتحاد روڊ تي هڪ نينگر گاڏي هلائي رهيو هو، تيز رفتاري سبب گاڏي سندس ڪنٽرول مان نڪري ٻن گاڏين سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب ٽنهي گاڏين کي نقصان پهتو، جڏهن معجزاڻي طور ماڻهو محفوظ رهيا، حادثي بعد نينگر گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو.