لاڙڪاڻي مان پراسرار نموني گم ٿيل نينگر گھر پھچي ويو

0
260

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي مان ٽن ڏينهن کان پراسرار نموني لاپتا نينگر گهر پهچي ويو، غريب آباد محلي واسي 11ورھين جو عبدالوحيد شيخ جي گهر پهچڻ تي وارثن ۾ خوشي جي لهر پکڙيل آھي، نينگر جو چوڻ ھو تھ اڻڄاتل جوابدار ڪپڙا وٺي ڏيڻ جي لالچ ڏئي سيوهڻ وٺي ويو جتي قيد ڪيو ويو هو، مسلسل روئڻ سبب جوابدار گاڏي ۾ ويهاري لاڙڪاڻي روانو ڪيو.