مائرن جو عالمي ڏهاڙو: عائشه خان ڌيءُ سان گڏ تصوير شيئر ڪري ڇڏي

0
341

لاهور (شوبز نيوز) شادي کان پوءِ شوبز انڊسٽري کان پاسيري ٿيندڙ اڳوڻي اداڪاره عائشه خان پنهنجي ڌيءَ ماهه نور سان گڏ ڪجهه نيون خوبصورت تصويرون مداحن سان شيئر ڪيون آهن.عائشه خان جيڪا سوشل ميڊيا تي گهڻي ايڪٽو ناهي رهندي. هن پنهنجي انسٽاگرام تي اڄ مائرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڌيءَ سان گڏ تصوير پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ماءُ ۽ ڌيءَ کي هڪ جهڙا ڪپڙا پاتل آهن. اها تصوير هن بيسٽ فرينڊ ۽ مدر ڊي جي هيش ٽيگ سان مداحن لاءِ اپ لوڊ ڪئي آهي جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي.