لاڙڪاڻو: ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب عورت فوت، احتجاج

0
219

لاڙڪاڻي جي شيخ زيد وومين اسپتال ۾ خانگي ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب عورت فوت ٿي وئي.

ميروخان جي ڳوٺ دائم خان بروهي واسڻ ضميران خاتون زال محمد مبارڪ بروهي فوت جي فوت ٿيڻ تي سندس وارثن احتجاج ڪيو.

فوتي عورت جي ڀاءُ بابر بروهي ٻڌايو ته ڀيڻ کي ڪالهه نظر محلا ۾ قائم بينظير ميڊيڪل سينٽر ۾ ڊليوري لاءِ داخل ڪرايو، ڊاڪٽرن هزارين روپيا وٺي صحيح آپريشن نه ڪيو ۽ کيس شيخ زيد وومين اسپتال داخل ڪرائڻ جو چيو.

ڊاڪٽر جي چوڻ تي اسان ڀيڻ کڻائي شيخ زيد وومين اسپتال آندو جتي هو فوت ٿي وئي.

هن چيو ته بينظير ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽرن غلط آپريشن ڪري ڀيڻ جي حياتي کسي آهي، غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.