خيرپورناٿن شاهه واسي شاگرد مبينا لاپتا، اغوا جو شڪ، امڙ بيحال

0
162

خيرپورناٿن شاهه (ن پ ا)خيرپورناٿن شاھ جي ٻگهيا محلا واسي شاگرد مبينا طور تي لاپتا ٿي ويو.

9 جماعت جو شاگرد صداقت علي ولد غلام مصطفي’ کوسو گذريل ڏينهن کان وٺي موٽر سائيڪل سميت پراسرار نموني لاپتا آهي.

سندس چاچي غلام عباس کوسو جو چوڻ آهي ڀائيٽيو صداقت علي کوسو ڪالهه شام کان وٺي موٽر سائيڪل سميت  گهر ناهي موٽيوم اسان کي شڪ آهي ته هن کي ڪنهن اغوا نه ڪيو هجي.

هن چيو ته ٿاڻي تي اطلاع پڻ ڏنو پر نينگر جو ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، نينگر جو والد سعودي عرب ۾ مزدوري ڪندو آهي پٽ جي لاپتا ٿيڻ تي سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن.