اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ملاقات ڪئي، ذريعن موجب  وزيراعظم عمران خان ۽ جنرل قمر جاويد باجوا وچ ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پيشيواراڻن معاملن ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هوڏانهن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه قومي سلامتي پاليسي جوڙڻ زبردست قدم قرار ڏنو آهي، اسلام آباد ۾ تقريب دوران غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي آرمي چيف چيو ته ملٽري سيڪيورٽي قومي سلامتيءَ جو رڳو هڪ رُخ آهي، سلامتي جي سمورن رُخن تي ٻڌل جامع پاليسي جوڙڻ زبردست قدم آهي، پاليسي قومي سلامتيءَ جو تحفظ يقيني بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.