ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي پارليامينٽ ميمبرن ۽ سرڪاري آفيسرن خلاف مبينا ڪرپشن جي نيب  جاچ شروع ڪري ڇڏي، قومي احتساب بيورو نيب بلوچستان جي اڳوڻن ۽ موجوده پارليامينٽ ميمبرن، اعليٰ سرڪاري آفيسرن سميت سوين اعليٰ عهديدارن جي مبينا ڪرپشن جي 150 ڪيسن جي جاچ شروع ڪئي آهي، ان ڳالهه جو انڪشاف نيب بلوچستان طرفان 2021ع دوران پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ ۾ ڪيو ويو، رپورٽ مطابق 2021ع ۾ نيب بلوچستان جي کاتي ڪوسٽل ڊولپمينٽ اينڊ فريشريز، جيڊا پسني فش هاربر، ريڊ ڪريسنٽ جي آفيسرن ۽ ماتحت عملي ۽ بااثرن ماڻهن کي ڪرپشن ۽ غيرقانوني اثاثن جي 20 ريفرنسز داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اربين رپين جي ڪرپشن 120 ريفرنس احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، رپورٽ موجب 8 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪرپشن ذريعي لٽيل تقريبن 6 ارب جي وڏي رقم روڪ، ملڪيتون ۽ زيورن جي صورت ۾ وصول ڪيا ويا آهن، جڏهن ته موجوده پارليامينٽ ميمبرن، سوين اعليٰ عهديدارن جي مبينا ڪرپشن جي 150 کان وڌيڪ ڪيسن جي جاچ ۾ تيزي سان ڪم هلندڙ آهي، نيب بلوچستان 2021ع ۾ 550 شڪايتن جي جاچ پڙتال بعد ڪرپشن جا وڏا وڏا ڪيس جاچ هيٺ آندا، مختلف صوبائي ۽ وفاقي کاتن ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن جو سوراخ لڳايو ويو آهي، جڏهن ته نيب تدارڪ جي پاليسي تحت صحت کاتي ۾ ڪرپشن جي روڪٿام ڪندي دوائن جي معياري ۽ گهٽ قيمتن تي خريداري يقيني بڻائي وئي آهي، سال 2021ع نيب بلوچستان لاءِ تمام اهم سال ثابت ٿيو، جنهن ۾ بلوچستان جي تاريخ جو اهم ترين مشتاق رئيساڻي ڪيس جو فيصلو سامهون آيو، جنهن ۾ عدالت طرفان نه صرف جوابدارن کي سزا ڏني وئي پر اربين رپيا به واپس ڪرايا.