اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو)قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ حڪمران جماعت پي ٽي آءِ جي ميمبرن  ڪراچي کي هڪ ڀيرو ٻيهر رينجرز حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پ پ ميمبر بهارين کي حق ڏيڻ جي گهر ڪئي، ڪالهه قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ ڪراچي مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر آغا رفيع الله چيو ته بهاري لا اله الله ۽ ملڪ خاطر ملڪيتون ڇڏي آيا، اڄ انهن کي 70 سالن بعد به بنيادي حق نه ڏنا پيا وڃن، انهن جي خدمتن کي فوج ساراهيو، فوج پاران گهرائي کين خدمتن تي اعزاز ڏنا ويا، پر انهن جي ٻارن کي داخلائون نه ملي رهيون آهن، وزيراعظم چيو هو ته بهارين جا مسئلا حل ڪندس، پر افسوس ٿي رهيو آهي ته ان تي عمل نه ٿيو، هتي غير ملڪي ته شهريت وٺي وڃن ٿا پر ملڪ خاطر ايندڙ بهاري دربدر آهن، ان مامري تي رولنگ ڏني وڃي، حڪمران جماعت جي ڪراچي مان چونڊيل ميمبر فهيم خان چيو ته ڪراچي ۾ تازو شاهه رخ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، پيپلزپارٽي وارا دعوائون ته وڏيون وڏيون ڪن ٿا، اسپيشل سيڪيورٽي فورس آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو جي سيڪيورٽي کي ڏسي رهي آهي، هنن ڪراچي جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي، مجرمن کي جيلن مان ڪڍي بنگلن ۾ رکي ر هيا آهن، مطالبو ڪيان ٿو ته ڪراچي کي وري رينجرز حوالي ڪيو وڃي، هن چيو سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ڪراچي جو امن خراب ڪيو پيو وڃي، لاقانونيت جي حد ٿي وئي آهي، پي ٽي آءِ جي ڪراچي مان ئي چونڊيل ميمبر آفتاب جهانگير به مطالبو ڪيو ته ڪراچي کي رينجرز جي حوالي ڪيو وڃي.