خيرپور (رپورٽر) خيرپور ويجهو ڳوٺ دلاور اڄڻ ۾ لطيف سائين جي قديمي تڪيي تي سالياني لطيفي ڪچهري اڄڻ- ڪليري جھيڙي سبب سادگيءَ سان ڪوٺائي وئي. راڳ رھاڻ جي محفل ملتوي ڪري تقريب واري ھنڌ قومي جھيڙن جي خاتمي ۽ امن اتحاد خوشحالي لاءِ خاص دعا گھري وئي. جڏهن ته تڪيي جي خدمتگار فقير نجف علي اڄڻ ۽ فقراءَ جي تعاون سان منعقد ڪيل لطيفي امن ڪچھريءَ ۾ ڳالهائيندي بادشاهه حسين، فقير صاحب لطيفي، شاھنواز گڏاڻي، فقير غلام حيدر شاھاڻي، ذوالفقار عباسي، ربنواز اڄڻ، در محمد فقير، خليل شاھاڻي، فقير اسماعيل اڄڻ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته لطيف سائين جي پيغام ۾ انسانيت جو آجپو ۽ ڀلائي شامل آهي. مختلف قبيلن ۾ جھيڙا ۽ نفرتون امن ۽ ترقي ۾ رڪاوٽ آھن جنھن جي خاتمي لاءِ ساڃاهه وندن کي اڳتي اچڻ گهرجي. امن لاءِ ھر سنڌ واسيءَ کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.