ٺٽو ( رپورٽر ) مڪلي پوليس پاران مڪلي واسي رڪشاءَ ڊرائيور کي گرفتار ڪري مبينا گم ڪرڻ واري عمل خلاف مڪلي واسڻ صحافين وٽ پهچي دانهيندي وس وارن کان سندس گم ڪيل مڙس جي آزادي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. رڪشا ڊرائيور بلاول پٺاڻ جي گھر واري رخسانہ مڪلي تي صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي تہ سندس مڙس کي سندس موجودگي ۾ مڪلي پوليس سندس گھران گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي، جنھن جي باري ۾ مڪلي پوليس ڪجھ بہ ٻڌائڻ لاءِ تيار ناھي. ھن چيو تہ ھن کان اڳ ۾ مڪلي پوليس سندس مڙس کي ڪيترائي ڀيرا گھران گرفتار ڪري مٿس جھمپير، ميرپور ساڪرو، مڪلي سميت مختلف ٿاڻن تي منشيات ايڪٽ تُحت ھٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪيا آھن ۽ ھاڻي بہ کيس خطرو آھي تہ پوليس وري بہ ڪنھن ڪوڙي ڪيس ۾ کيس ڦاسائي ڇڏيندي. ھن ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو تہ ساڻس انصاف ڪري سندس گرفتار ڪري گم ڪيل مڙس بلاول کي ازاد ڪرائي کين مڪلي پوليس جي زيادتين مان نجات ڏياري وڃي.