گولاڙچي (ن پ ا) گولاڙچي ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ ڊجيٽل آدمشماري خلاف عوامي تحريڪ طرفان سي اين جي پمپ کان گولاڙچي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، عوامي تحريڪ ضلعي بدين جي صدر جاکرو نوحاڻي، نائب صدر مهراڻ درس ۽ ٻين ڪئي. ريلي پريس ڪلب پهچڻ تي جلسي عام جي شڪل اختيار ڪري ورتي. ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته پيپلز پارٽي سي سي آء مان ڊجيٽل آمشماري جي منظوري وٺرائي سنڌي عوام کي اقليت ۾ تبديل ڪري سنڌ ۾ نئون اسرائيل ٺاهڻ جي عالمي سامراجي سازش جو حصو بڻي. هن چيو ته سنڌ اسيمبيليءَ ۾ ڊجيٽل آدمشماري بابت ٺهراءُ آڻڻ ڪافي ناهي. ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو وفاقي ادارن جو آهي ۽ پيپلز پارٽي وفاق ۾ حڪمران ڌر آهي. پيپلز پارٽي جا حڪمران قومي اسيمبيلي ۽ سينيٽ ۾ ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪرائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ٺهراءُ پاس ڪرائن. جڏهن سنڌ جا ٻه ڪروڙ ماڻهو ٻوڏ واري صورتحال سبب دربدر آهن، اهڙي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي جي حڪمرانن ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي سي سي آئي مان آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ورتو، پ پ حڪمران غلط فيصلا ڪرڻ تي سنڌ جي عوام کان معافي وٺن. ڊجيٽل آدمشماريء کي فرمائشي آدمشماري آهي، جنهن کي سنڌ جو عوام رد ڪري چڪو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ اهڙي معيار جو نيٽ ورڪ ئي ناهي جنهن سان ٻهراڙين ۾ ڊجيٽل طريقي سان آدمشماري ڪري سگهجي جنهنڪري سنڌ جي ٻهراڙي ۾ وڏو تعداد ڳڻپ ٿي نه سگهندو ۽ ٻيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب سنڌ ۾ غيرقانوني طور آيل لکين غير ملڪين کي پنهنجي ملڪن ڏانهن موڪلي پوء آدمشماري ڪئي وڃي ۽ ان جي نتيجن کي به سيڪيور ڪيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته سنڌي قوم سدائين ڌارين جي حملي آورن سان مقابلا ڪري پنهنجو وطن بچايو آهي ۽ هاڻ به بچائڻ لاء پرامن جدوجهد ڪري رهي آهي. پر هن جدوجهد جو دائرو وسيع ڪري مستقل مزاجي سان  جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي.