حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد گرڊ اسٽيشن جي پارو ٽرانسفارمر جي انڪمنگ ڪيبل ۾ فني خرابي سبب 11 ڪي وي جا 6 فيڊر بند ٿي ويا جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن کي بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي. حيسڪو ترجمان صادق ڪٻر ڄاڻايو ته 132 ڪي وي قاسم آباد گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي دور ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪيو ويو. بجلي کان متاثر فيڊرن ۾ نيرون ڪوٽ، دعاٻو فيڊر، نيو فورٽ، سچل فيڊر، ڊفينس ۽ نيو ڪينٽ جا فيڊر شامل هئا. حيسڪو چيف گرڊ اسٽيشن قاسم آباد ۾ فني خرابي واري معاملي جو نوٽيس وٺندي حيسڪو جي ٽيڪنيڪل عملي کي حڪم ڏنو ته هو فوري طور تي قاسم آباد گرڊ اسٽيشن ۾ ٿيل فني خرابي جو مرمتي ڪم ڪري بجلي بحالي کي يقيني بڻائين. رات دير تائين فيڊرز جي بجلي بحال نه ٿي سگهي هئي پر حيسڪو پاران دعويٰ ڪئي پئي وئي ته بند پيل 6 فيڊرز مان ٽن فيڊرز تي بجلي جي فراهمي شروع ڪئي وئي هئي.