حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڀرسان هوسڙي جي ڳوٺ پانڌي خان پنهور ۾ هارپي جا پئسا گهرڻ تي زميندار مبينا طور هاري تي وحشياڻو تشدد ڪيو. متاثر هاري زبير احمد پنهور جو چوڻ آهي ته هو 70 سالن کان ڄاڻايل زميندار جي زمين تي هارپو ڪري رهيا آهن. زميندار ڪاشف جميل راجپوت جي زمين کين اڌ تي مليل آهي. ڀينڊين جي چونڊائي دوران زميندار هارپي جي رقم طلب ڪئي جنهن تان هن کيس تشدد جو نشانو بڻايو آهي. هاري اهو به الزام هنيو آهي ته هوسڙي پوليس زميندار ڪاشف جميل راجپوت جي فرياد تي سندس داد رسي ڪرڻ بدران ڪيترائي ڪلاڪ ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو هو. جنهن بعد اهو چئي کيس آزاد ڪيو ويو ته هو زميندار خلاف ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪندو. متاثر هاري ۽ سندس خاندان جي ماڻهن محمد اسماعيل پنهور، محمد قاسم پنهور زميندار خلاف احتجاج ڪندي دانهيو ته زميندار کين به تشدد جو نشانو بڻايو آهي ۽ زميندار ڪاشف جميل راجپوت جا مائٽ اختر راجپوت، نديم راجپوت ۽ جوني راجپوت کانئن زمين تان بيدخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڄاڻايل زمين هو ڪيتري ئي عرصي کان سنڀالي رهيا آهن ان ڪري زمين ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندا جڏهن ته انهن ڄاڻايل زميندار خلاف عدالت ۾ پڻ 22 اي جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. متاثر ماڻهن ايس ايس پي حيدرآباد سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي هاري کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ زميندار خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو ڪيو وڃي.