ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته پوليو مهم دوران سنڌ جي 30 ضلعن جي 90 لک ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا، جن مان 2 ملين ٻارڙن جو تعلق رڳو ڪراچي سان آهي. ڪالهه پوليو مهم جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مهم دوران صوبي ۾ 5 سالن جي عمر کان وڌيڪ 9 ملين کان وڌيڪ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا، هن چيو ته سنڌ ۾ جولاءِ 2020ع کان پوليو جو هڪ به ڪيس ظاهر ناهي ٿيو، پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙن ۽ رهجي ويندڙ ٻارڙن جي انگ ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي پر اسان ان انگ کي وڌيڪ هيٺ آڻڻ چاهيون ٿا.