قاسم آباد واقعو: اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

0
538
اختر بلوچ، هڪ بي چين روح

 قاسم آباد واري علائقي ۾ نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل واري واقعي بعد نه رڳو سوشل ميڊيا تي پر سنڌ جي ڪافي شهرن مان جهيڙن جي حوالي سان ڪجهه اهڙيون خبرون اچڻ شروع ٿي ويون  آهن جيڪي مجموعي طور سنڌ جي حوالي سان فائديمند يا بهتر نتيجا ڏيندڙ ناهن. اها حقيقت آهي ته سنڌ اندر سنڌي ماڻهو انتهائي تيزي سان اقليت ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃن. سنڌين جي روزگار، ڪاروبار، زمينون ۽ ملڪيتن تي غيرسنڌي قابض ٿيندا پيا وڃن ۽ سنڌ جا شهر ته ڇا پر ٻهراڙيون به هاڻي غير محفوظ بنجنديون پيون وڃن پر ان سان گڏ اها به حقيقت آهي ته ڌارين کي اهي زمينون، ملڪيتون، دڪان ۽ روزگار مهيا ڪندڙ به ڪي ٻيا نه پر سنڌي ئي آهن. عالمي طور تاريخ ۾ جهاتي پائبي ته بلڪل سنڌين جي صورتحال ان رخ يا ان رستي تي آهي جنهن رستي تي فلسطينين جي صورتحال هئي. فلسطينين به پهرئين مرحلي ۾ پنهنجون زمينون ۽ ملڪيتون هڪ هڪ ٿي اسرائيلن کي وڪيون ۽ هڪ اهڙو موڙ آيو جو فلسطيني ذري گهٽ پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن بڻجي ويا جنهن بعد هنن بندوق کنئي يا وطن لاءِ ويڙهه وڙهي ته به اها ويڙهه ان ڪري ڪامياب نه ٿي سگهي جو هنن وٽ پنهنجي زمين نه بچي هئي.

سنڌ اندر ورهاڱي بعد هندو آبادي جو اچڻ هڪ حادثو يا تاريخ جي بربريت هئي پر ان بعد سنڌ جي ماڻهن جنهن رفتار سان پنهنجون زمينون ملڪيتون ۽ ڪاروبار ڌارين حوالي ڪيا آهن اها رفتار انتهائي خطرناڪ ۽ تباهه ڪن آهي. آئون سڄي سنڌ جو ڪو مثال نه ٿو ڏيان پر ڪراچي اندر مون پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي ته شهر جي اردو آبادي وارن علائقن ۾ ڪنهن افغاني يا ٻئي ڌارئي کي ڪو گهر ايڏي آساني سان نه ٿو ملي پر سنڌي ماڻهن ڪراچي شهر ۾ جيڪي ڳوٺ آباد ڪيا آهن انهن ڳوٺن ۾ وڏي تيزي سان پلاٽ ۽ گهر افغانين ۽ پختونن کي وڪرو ڪري ڏنا ويا آهن. ڪراچي جي چڪرا ڳوٺ کان وٺي بلال ڪالوني تائين، ملير جي سوين ڳوٺن کان وٺي ڪياماڙي ٽائون جي سنڌي وسندين تائين يا وري سهراب ڳوٺ کان هيٺ سنڌين جي نئين آباد ٿيل ايوب ڳوٺ يا لاسي ڳوٺ ۾ وڏي تعداد ۾ سنڌين پنهنجون ملڪيتون ۽ پلاٽ افغانين ۽ ٻين غيرملڪين کي وڪرو ڪري ڏنا آهن. قاسم آباد واري علائقي ۾ ڪو ڪاٺياواڙي ميمڻ، بوهري، هندو ۽ اسماعيلي خواجو ته عزت سان ڪاروبار نه ٿو ڪري سگهي پر قاسم آباد جي مين مارڪيٽن ۾ افغانين کي وڏي عزت سان آباد ڪرايو ويو آهي ۽ انهن جي پٺيان هٿ به اسان جي پنهنجن جو ئي آهي، هي جيڪي افغانين، بنگالين ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل ٺاهي ڏنا ويا آهن اهو ڪنهن ٻئي ماڻهو جو ڪم ناهي پر جيڪڏهن پيرا کڻبا ته اهي به ڪنهن ڪرپٽ سنڌي بيوروڪريٽ ڏانهن ويندا.

آئون سمجهان ٿو ته بلال ڪاڪا واري واقعي کي ڪنهن غلط رخ ڏانهن وٺي وڃڻ بدران ان جو ڪو سياسي حل ڏسڻ گهرجي، اجايو جو جذبات ۾ اچي لٺ ڌڪو استعمال ڪرڻ کان سنڌين کي ڪو فائدو ته نه ٿيندو پر رڳو سنڌي پٺاڻ جو جهيڙو ڪرائي سنڌ کي هڪ نئين ڌٻڻ ۾ ڦاسايو ويندو. هي جيڪي سوشل ميڊيا تي افغانين جي سوشل بائيڪاٽ جا اعلان پيا ڪن انهن کي سڀ کان پهرين انهن سنڌين جو سوشل بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي جن انهن افغانين کي پنهنجا دڪان، زمينون يا گهر وڪرو ڪري يا مسواڙ تي ڏنا آهن، آئون سمجهان ٿو ته نوجوان بلال ڪاڪا کي قتل ڪرڻ واري واقعي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي ان واقعي کان پوءِ انصاف لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ڪهڙي راهه اختيار ڪئي وڃي ٿي، ڇو ته ڪنهن به مسئلي جي حل لاءِ سڀ کان پهريون ۽ بنيادي نڪتو اهو آهي ته اوهان رستو ڪهڙو اختيار ڪيو ٿا. ماضي ۾ به اسان جي جن سڄڻن تشدد جا رستا ورتا انهن سمورن واقعن تي اگر ڪا جامع ۽ غيرجانبدار تحقيق ٿئي ته نتيجن ۾ نقصان سنڌين جي ئي پلڙي ۾ نظر ايندو. ان ڪري قاسم آباد واقعي تي سنڌ جي باشعور ۽ سڄاڻ ماڻهن کي اڳيان اچڻ گهرجي ته اجائي هلڙبازي ۽ تشدد جو رستو اختيار ڪرڻ سان اسان کي فائدو گهٽ ۽ نقصان گهڻو ٿيندو.

سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ مستقل سياسي حڪمت عملي، قومي ٻڌي ۽ سخت قانونسازي جي ضرورت آهي. اسان کي پنهنجي ڪاوڙ جو رخ انهن حڪمرانن طرف ڪرڻ گهرجي، جن جي غلط پاليسين ۽ سنڌين جي مالڪي نه ڪرڻ واري روش سبب اسان ائين نڌڻڪا ٿئي مارجي رهيا آهيون. اسان کي به بحيثيت قوم پنھنجي ڪردار جو به جائزو وٺڻ گهرجي. خود تنقيدي جي مرحلي مان گذرڻ گهرجي، ڪنهن جي هوٽل ساڙڻ بدران وقت جي حڪمرانن جي سنڌ دشمن پاليسين جا بنياد ساڙڻ گهرجن، ڪنهن پٺاڻ جو گلو پڪڙڻڻ بدران حڪمرانن جو گلو پڪڙڻ گهرجي ۽ پنهنجي صفن ۾ موجود چنيسرن ۽ نائوملن جو ڪرڻ گهرجي، هي قومي ڪاوڙ ڪنهن قومي ٻڌي ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي.