سنڌ جي ڪوئل: روبينا قريشي

0
196
سنڌ جي ڪوئل: روبينا قريشي

موسيقيءَ کي روح جي غذا سڏيو ويو آهي، ٻار کان وٺي ٻُڍي تائين ان مان هڪ جهڙو لطف ماڻين ٿا. هونئن ته سُريلو آواز قدرت جي ڏات آهي، پر انهن قدرتي سُرن کي وڌيڪ نکارڻ لاءِ سکيا به ضروري آهي. استاد منظور علي خان کان ويندي، استاد محمد جمن، محمد يوسف، فتح علي خان، جيوڻي ٻائي، مائي ڀاڳي تائين وڏن فنڪارن، راڳداري ۾ وڏي محنت کانپوءِ منزل ماڻي آهي. انهن پنهنجي سڄي حياتي استادن جون خدمتون ڪري منزل ماڻي.

۱۹۵۵ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو بنياد پيو ته اُتان جي فنڪارن کي اظهار جو هڪ نئون ذريعو مليو. ۶۰ع واري ڏهاڪي ۾ ريڊيو حيدرآباد تي هڪ اهڙي سُريلي فنڪاره آئي، جنهن اڳتي هلي سنڌي گائيڪيءَ ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو، نه ته ان کان اڳ گرامو فون واري دؤر ۾ صرف ڪجهه فنڪارائون ئي هيون، جن سنڌي راڳ جي خدمت ڪئي. سنڌ جي عظيم فنڪارا روبينا قُريشي ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۴۰ع ڌاري، حيدرآباد جي صدر واري علائقي ۾ الاهي بخش شيخ جي گهر ۾پيدا ٿي. سندس خاندان حيدرآباد جو معزز واپاري خاندان ليکيو ويندو هو، تنهن دؤر ۾ هڪ ڇوڪريءَ جو ريڊيو تي ڳائڻ سماجي لحاظ کان اهم مسئلو هو. جنهن ڪري هن پنهنجي سڃاڻپ تبديل ڪرڻ لاءِ پنهنجو نالوعائشه مان ڦيرائي رُوبينه رکيو. عائشه شيخ فلم اسٽار مصطفيٰ قريشيءَ سان ۱۹ سيپٽمبر ۱۹۷۰ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ شادي ڪئي ۽ ته ”عائشه شيخ“ مان ڦري ”رُوبينه قُريشي“ ٿي پئي. روبينه جو وڏو ڀاءُ عبدالغفور شيخ به ڳائيندو آهي.

رُوبينا قريشيءَ پنهنجي ابتدائي تعليم حيدرآباد شهر جي هڪ پرائمري اسڪول مان ورتي جنهن ۾ کيس ”دادي ليلان“ جھڙي سٻاجھڙي ۽ هُوشيار اُستاد ملي. جنهن کيس راڳ جي به سکيا ڏني. هوءَ اسڪول جي زماني کان ئي قومي نغما به ڳائيندي هُئي ۽ اسٽيج جي ڊرامن به حصو وٺندي هُئي. اُن کان پوءِ هوءَ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾سنڌ جي نالي واري تعليمي ماهر آپا شمس عباسيءَ جي رهنمائيءَ ۾ اڳتي وکون وڌائيندي رهي.

هوءَ مڪمل طور پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ايم بي انصاريءَ جهڙي سخت طبيعت براڊ ڪاسٽر کي انٽرويو ڏئي گلوڪاره طور چونڊي وئي. اُن وقت هُوءَ نائين درجي ۾ پڙهندي هُئي. ايم بي انصاريءَ ۽ ميوزڪ ڊائريڪٽر ماسٽر مُحمد ابراهيم هن جو آڊيشن وٺي فيصلو ڪيو ته في الحال هن کي ٻين فنڪارن سان گڏ ڪورس ۾ ڳارايو وڃي ۽ اڳتي هلي هُن ڪورس ۾ قومي نغما، شاديءَ جا ڳيچ ۽ لوڪ گيت وغيره ڳايا. هن ان سان گڏ سنڌي ۽ اُردو ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو، ڪمپيئرنگ ڪيائين، گيتن ڀرين ڪهاڻين ۾ ڳايائين ۽ انهن پروگرامن جي راوي ٿي. اهو سلسلو هلندو رهيو پر ڳائڻ جي حوالي سان هن کان ٿوري ئي عرصي کان پوءِ اڪيلي سِر ڳارايو ويو. سندس اڪيلي سِر ڳايل پهريون ڪلام آهي: ”پيري پونديسانِ، چونديسانِ؛ رهي وڃ رات ڀنڀور ۾“.

روبينه قُريشيءَ ۱۹۷۴ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان مُسلم هسٽريءَ ۾ ايم اي ڪئي. هُوءَ حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ بادل رسالي ۾ خطن جا جواب به ڏيندي هُئي. ان کان اڳ کيس ۱۹۶۷ع ۾ حمايت الاسلام سيڪنڊري اسڪول ۾ ماستري ملي. سندس ور مُصطفيٰ قريشي اُن وقت ريڊيو پاڪستان ۾ پروگرام آرگنائيزر يعني پروڊيوسر هو ۽ اُن سان شاديءَ کان پوءِ هُوءَ اُن سان گڏ لاهور هلي وئي. لاهور ۾ رهڻ دوران پاڻ اُستاد ڇوٽي غلام عليءَ کان راڳ جي وڌيڪ تربيت به وٺڻ لڳي.

هُن سڀ کان وڌيڪ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست کي ڳايو، جڏهن ته هوءَ لوڪ گيت ڳائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ ھئي. هُن گھڻي ڀاڱي ماسٽر محمد ابراهيم، اُستاد مُحمد جُمن ۽ اُستاد نذرحُسين جي موسيقيءَ ۾ ڪلام ڳايا. ريڊيو حيدرآباد تي سندس گھڻي ۾گھڻا ڪلام پروڊيوسر ايم بي انصاري ۽ خواجه امداد عليءَ رڪارڊ ڪيا، هُوءَ ريڊيو پاڪستان لاهور، ڪراچي ۽ ڍاڪا تي به ڳائي چُڪي آهي، هُن سنڌي، اُڙدو، پنجابي، سرائڪي، بنگالي، بلوچي ۽ پشتو زبانُن ۾ به ڳايو آهي.

ٽيليويزن تي کيس مرحوم عبدالڪريم بلوچ مُتعارف ڪرايو هو. هن هڪ ڊرامي ۾ اداڪاري به ڪئي. هُن سنڌي فلمن سسئي پُنهون ۽ گھونگھٽ لاهه ڪُنوار جا گانا به ڳايا آهن. روبينا قريشي ڪلاسيڪل ڳائڻي نه هئي. پر سندس آواز هڪ الستي آواز آهي. جنهن جي هيئيت ۽ مٺاس بلڪل الڳ ۽ منفرد آهي. هن جو آلاپ روح جون تندون ڇيڙي اندر جي تهه تائين لهي ويندو هو. سنڌ جي البيلي روبينه قُريشيءَ کي ٻه ٻار آهن، هڪ نياڻي اربيلا ۽ ٻيو پُٽ مُحمد عامر جيڪو ٽيليويزن تي ڪمپيئرنگ ڪرڻ سان گڏ ڳائيندو به آهي. روبينا قريشي پنھنجي حياتيءَ جو وڏو حصو پنھنجي ور مصطفيٰ قريشي جي فلمي مصروفيتن سبب لاھور ۾ گذاريو پر گذريل ھڪ ڏھاڪي کان ڪٽنب سميت ڪراچي ۾ رھندي ھئي، ڪجھه عرصو بيمار رهڻ بعد پاڻ ۱۳- جولاءِ تي دم ڌڻي حوالي ڪيائين.