ڪراچي:(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته فون تي هيلو هيلو ڪرڻ جي ڊرامي سان ملڪ ۾ مهانگائي جي سونامي واري تباهي ختم نٿي ٿي سگهي. پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪرپشن جي خلاف عمران خان جي مهم اصل ۾ قوم سان ٿيندڙ هڪ اهڙو فراڊ آهي جنهن ملڪ جي روشن مستقبل تي سواليه نشان لڳائي ڇڏيو آهي. مافيا جي سرپرست عمران خان جي احتساب جي ڪوڙن نعرن جا پول کولي ڇڏيا آهن. عوام هاڻ اوهان جي دلاسن ۾ نه ايندو. پرڏيهي سرمائيدار ڪيئن ڀروسو ڪندا؟ عمران خان پاڻ پاڪستان کي ڪرپشن جو ڳڙهه ثابت ڪندو رهيو آهي. روزاني 12 ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام لڳائي اقتدار ۾ ايندڙ پنهنجي حڪومت جي 997 ڏينهن ۾ مبينا روزاني ڪرپشن جو ڪيترو پئسو قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايو؟ پ پ چيئرمين چيو ته اڄ جيڪڏهن عوام مهانگائي سبب بنيادي ضرورتن کان به محروم ٿي رهيا آهن ته ان جو ذميوار صرف عمران خان آهي اها تبديلي ناهي اها تباهي آهي فون تي هيلو هيلو ڪرڻ جي ڊرامي سان ملڪ ۾ مهانگائي جي سونامي جي تباهي ختم نٿي ٿي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي لاڳيتو نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي رهي پر حڪومت ائين نه ڪيو ۽ معيشت تي به ان جا منفي اثر پوندا. سياسي انتقام جي لاءِ مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جي ڪوڙي واويلا ڪري عمران خان ملڪ کي بليڪ لسٽ ٿيڻ تي پهچائي ڇڏيو. شرمندگي جو مقام آهي ته ڪمبوڊيا، گهانا ۽ زمبابوي جهڙن پوئتي پيل ملڪن سان گڏ پاڪستان به ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نه نڪري سگهيو. پاڪستان پيپلز پارٽي گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ جيڪا حڪمت عملي ٺاهي هئي جيڪڏهن عمران خان ان تي ئي عمل ڪري ها ته ملڪ کي فائدو ٿئي ها. پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفاقي حڪومت ملڪ کي يورپي يونين کان جي ايس بي پلس جو درجو ڏياريو پر ان کي به عمران خان داءُ تي لڳائي ڇڏيو.