ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪارا عائشه عمر چيو آهي ته هوءَ عيدالفطر تي رليز ٿيندڙ پنهنجي فلم “مني بيڪ گارنٽي” ۾ مزيدار ڪردار ۾ نظر اينديس. فلم جي ٽريلر لانچ تي پنهنجي ڪردار بابت ڳالهائيندي اداڪارا چيو ته هي هڪ اهڙي عورت جو ڪردار آهي جنهن جي دل تي سڀ حڪومت ڪرڻ چاهيندا آهن. فلم ڪرڻ جي حامي ڀرڻ بابت سوال تي اداڪارا جو چوڻ هو ته هدايتڪار فيصل قريشي مونکي وڏو ٿيندي ڏٺو آهي، 15 سالن جي هيس تڏهن کان فيصل کي سڃاڻان ٿي، اهو ڪاليج ۾ منهنجو سينيئر رهيو آهي، اسڪول ۾ هيس ته ايڪٽنگ ڪرڻ جو پهريون تجربو فيصل قريشي سان گڏ ٿيو هو. عائشه عمر چيو ته جڏهن فيصل قريشي ٻڌايو ته مان فلم ٺاهي رهيو آهيان ته مان ڪهاڻي ٻڌڻ کان بغير ئي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي حامي ڀري ورتي جنهن تي پاڻ فيصل به حيران ٿي ويو. فلم مني بيگ گارنٽي جي ڪاسٽ ۾ فواد خان، وسيم اڪرم، شنيريا اڪرم ۽ شايان فاروقي سميت ٻيا فنڪار شامل آهن.