سڊني(انٽرسٽنگ نيوز) آسٽريليا ۾ آسمان تان زنده مڇين جي برسات شروع ٿي وئي، شهري اهڙو منظر ڏسي حيران ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب آسٽريليا جي هڪ علائقي ۾ برسات دوران آسمان تان مڇيون ڪرڻ لڳيون، اهڙو غير معمولي نظارو ڏسي رهواسي حيران رهجي ويا. رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهڙو حيرت انگيز نظارو ڏسي رهواسي حيران ٿي ويا. رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حيرت انگيز منظر آسٽريليا جي ڏکڻ اوڀر ۾ تنامي ريگستان جي اتر ڪناري تي ڳوٺ لجامانو ۾ ڏٺا ويا آهن. ڳوٺ جي بزرگن جو چوڻ آهي ته ماضيءَ ۾ به اهڙا واقعا پيش اچي چڪا آهن. رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2010ع ۾ به هن ڳوٺ ۾ آسمان تان مڇين جي برسات ٿي هئي. لجامانو جي ڪائونسلر پنهنجي بيان ۾ چيو ته گذريل ڏينهن ۾ هڪ وڏو طوفان ڳوٺ جي طرف وڌندي ڏٺو ويو، مقامي ماڻهن جو خيال هو ته تيز برسات ٿيندي پر جڏهن برسات شروع ٿي ته مقامي ماڻهن آسمان تان پاڻي سان گڏ مڇيون ڪرندي ڏٺيون. هنن ٻڌايو ته آسمان تان ڪرندڙ زنده مڇيون ننڍي سائز جون هيون جن کي مقامي ٻارن پڪڙي پاڻيءَ جي ٿانون ۾ وڌو.