فريدآباد (ن پ ا) ڪاڇي واسي 14مھينن کان جبري طور کنڀي گم ڪيل نوجوان ظفر چانڊيو جي آزادي لاءِ وارثن ذاڪر چانڊيو، قربان چانڊيو ،منصور چانڊيو، زاهد ۽ ٻين 185 هين ڏينهن به بُک هڙتال جاري رکندي دانهيون ته اسان جي نوجوان کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، احتجاجن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ لاءِ ناهي آيو، هننت مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.