عورتن کي نشانو ڇو ٿو بڻايو وڃي؟

0
228
ماحولياتي تبديلي ۽ اسان جي ذميواري

هونئن ته مجموعي طور ملڪ ۾ عورتن لاءِ ڏينهون ڏينهن صورتحال خراب نظر اچي پئي، اغوا، تشدد، قتل، جنسي زيادتين ۽ اجتماعي جنسي زيادتين جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي، عورت جنهن کي رڳو جنسي طور عورت سمجهندي ٻن سالن جي ٻارڙي کان وٺي 80 سالن جي پوڙهي عورت تائين ڪنهن کي به بخش نٿو ڪيو وڃي، جنهن کي به قدرت واري بايولاجيڪل عورت پيدا ڪري هن ملڪ ۾ موڪليو آهي، اها عورت هاڻي مرڻ کانپوءِ به درندگي جو نشانو بڻجي ٿي، انهي کان وڌيڪ سماجي بي حيائي ۽  ڀيانڪ صورتحال ڪا ٿي ئي نه ٿي سگهي. سنڌ هجي يا پنجاب ان قسم جا واقعا هاڻي اسان عورتن کي جيئري ته ٺهيو پر مرڻ کانپوءِ به عدم تحفظ جو احساس ڏيارين ٿا.

هاڻي ههڙي سماج ۾ هڪ عورت هجڻ ناتي آئون جيڪڏهن ڪنهن ڪم ڪار سانگي نڪران ته ڪيئن نڪران؟ ٺٽي ضلعي ۾ جيڪو 14 سالن جي نينگري جي لاش کي قبر مان ڪڍي وحشيت جو نشانو بڻايو ويو، انهي واقعي ته لڱ ڪانڊاري ڇڏيا، پر ان واقعي تي پاڻ کي تسلي ڏيڻ لاءِ سوچيو هئم ته شايد قبرستان ويران هو ۽ وحشي درندي انهي ڪري اهڙي گهٽيا حرڪت ڪئي جو هو پاڻ به جهنم رسيد ٿي ويو، پر جڏهن لاهور وارو واقعو ٿيو ته پوءِ ته گهران نڪرڻ تان ئي ارواح کڄي ويو، هڪ عورت جيڪا سوين نام نهاد مردن جي وچ ۾ تذليل جو نشانو بڻجندي رهي، انهي عورت کي بچائڻ وارن جو انگ آڱرين تي ڳڻڻ جيترو ضرور هوندو پر هن عورت جا ڪپڙا لاهڻ، سندس جسم جي عضون کي پٽڻ لاءِ ڪيترائي هٿ وڌيا هوندا، ڇاڪاڻ جو بي حس سماج ۾ عورتن کي ڪپڙا لاهڻ لاءِ لکين روپيا ته ڏنا وڃن ٿا پر ڪپڙا پائڻ لاءِ ڪير ڏهه روپيا به ڏيڻ نٿو چاهي، انهي سماج جا ماڻهو اهڙا ئي ڪارناما انجام ڏيندا جهڙو واقعو مينار پاڪستان تي پيش آيو. انهي واقعي اسان جهڙين عورتن کي به پريشان ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي ڪمن ڪارن سانگي پنهنجي ڊرائيورن جي آسري تي آڌي اسر نڪري پونديون آهيون، انهي کانپوءِ وري لاهور  ۾ جيڪو ماءُ ۽ ڌيءَ سان زيادتي وارو واقعو پيش آيو انهي ته انسانيت تان ارواح ئي کڻائي ڇڏيو آهي.

هڪ عورت پنهنجي ڌيءَ سان گڏجي لاهور وئي ۽ رڪشا ۾ سوار ٿي اڻ ڏٺل پتي تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪيائين، رڪشي ڊرائيور پنهنجي ساٿي سان گڏجي نه رڳو هن ماءُ سان پر سندس ڌيءَ سان به ماءُ جي سامهون زنا ڪئي ۽ رڪشا ڊرائيور جي ساٿي به انهي عورت سان زيادتي ڪئي، اهڙي سماج ۾ عورت اڪيلي ته ٺهيو پر ٻه ڄڻيون گڏ به نٿيون نڪري سگهن. هي واقعا  آخر ڪهڙي قسم  پيغام آهن؟ هڪ طرف حڪمران  رياست مدينه جا نعرا پيا هڻن ته ٻئي پاسي وچ بازار ۾ مصروف ترين روڊ تي ويندڙ رڪشا ۾ ويٺل ڇوڪرين سان  زبردستي ڪو چمي ڏئي ديده دليري سان گذري ٿو وڃي ۽ ڀرپاسي گذرندڙ گاڏين وارن ۾ ايتري به غيرت نٿي هجي جو اهي هن اوباش نوجوان کي سوگهو ڪري اهڙو سبق سيکارين جو ٻيو ڪو اهڙي حرڪت نه ڪري. ڇا ان وقت انهي روڊ تان گذرندڙ گاڏين ۾ سوار ماڻهن مان ڪنهن کي به نياڻي جو اولاد نه هو؟ ڇا انهن مان ڪنهن جي به ڀيڻ يا ماءُ نه هئي جو اهي ماڻهو ڪنهن ٻئي جي ڀيڻ يا نياڻي سان ڇيڙڇاڙ ڪندڙ کي سوگهو ڪري سڀاڻي پنهنجي نياڻي جي لاءِ محفوظ رستو بڻائين ها؟ پر اهي سمورا ماڻهو عورت جي عزت جو تماشو ڏسي رهيا هئا ۽ هڪ نياڻي سرعام روڊ تي هيسايل هرڻي جيان هن بي حس سماج تي لعنت وجهي رهي هئي.

مونکي انتهائي افسوس ۽ ڏک سان ئي سڀ ڪجهه لکڻو پوي پيو، منهنجي اڄوڪي هن ڪالم ۾ ممڪن آهي ته ڪٿي ڪٿي لفظن جي چونڊ ۾ مون مهذب لفظن بدران ڪي سخت لفظ استعمال ڪيا هجن، پر اهي ڪرڻ جو مونکي حق آهي، جيڪو سماج مونکي رستي تي محفوظ طريقي سان گذرڻ ئي نٿو ڏي، انهي سماج ۾ آئون هاڻي گل ورهائڻ نٿي چاهيان.

آئون يقينن هڪ نوڪري ڪندڙ عورت آهيان، ٻارن ٻچن جي ماءُ آهيان، ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين آئون اڪيلي پنهنجي ڊرائيور سان گڏ سفر ڪندي آهيان، پر سچ پڇو ته لاهور جي انهن واقعن کي ڏسندي مون چار ڏينهن اڳ ڪجهه ڪتاب خريدڻ لاءِ پنهنجي آفيس جي ٻن مردن کي موڪليو هو، اردو بازار جيڪا منهنجي آفيس جي چند قدمن جي فاصلي تي آهي، اتان ڪجهه ڪتاب خريد ڪرڻا هئا، مون انهي لاءِ مون سان گڏ ڪم ڪندڙ ٻن مرد آفيسرن کي گذارش ڪئي ۽ اهي منهنجي لاءِ وٺي آيا، ڇاڪاڻ جو هاڻي اهي مارڪيٽون، روڊ، رستا، پنهنجو گهر ۽ قبرستان به عورتن لاءِ محفوظ ناهن رهيا آهن، هاڻي هتي وحشت واڪا ڪري ٿي ۽ الاهي ڪٿي ڪو اڃان به وڏو واقعو پيش اچي سگهي ٿو. اسين عورتون هاڻي هڪ عجيب ذهني دٻاءُ ۾ مبتلا ٿي ويون آيون، انهي ڪري سنڌ سميت پوري ملڪ جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هاڻي اک پٽين، انهن ادارن جي انتظامي عهدن تي ويٺل آفيسر رڪشا ۾ سوار ماءُ ڌيءَ سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي اهڙي عبرت جو نشانو بڻائين جو جيڪڏهن سڀاڻي انهن آفيسرن جي گهرن جو عورتون ڪنهن رڪشا ۾ سوار ٿين ته اهي محفوظ هجن، ڪنهن جي نياڻي جيڪڏهن مينار پاڪستان تي بيهي سيلفي وٺي يا ڪو وڊيو رڪارڊ ڪري ته کيس ڪوئي حراسان ڪرڻ جي همت نه ڪري، ان کان علاوه پوليس جو ڪوئي تڪڙي مدد جو مڪينزم جوڙيو وڃي ۽ هن کي ڪال ڪرڻ واري کي ٽريس ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي وڃي ته جيئن ڪا به عورت يا مرد مشڪلات ۾ هجي ته مدد لاءِ منٽن ۾ اهلڪار پهچي وڃن. سيف سٽي منصوبي تحت لڳل ڪيمرائون رڳو ڦورن ۽ گاڏيون چوري ڪرڻ وارن جي خلاف ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ نه پر عورتن کي هراسان ڪرڻ وارن جي نشاندهي لاءِ به استعمال ڪيون وڃن ته جيئن عورتون محفوظ رهي سگهن، ٻئي صورت ۾ ايندڙ ڪجهه ئي سالن کانپوءِ آفيسن، بينڪن، اسپتالن توڙي ٻين عوامي هنڌن تان عورتن جو وڏو انگ گم ٿي ويندو ۽ پوءِ اسان کي عورت جي ڊليوري وقت به ڪا ليڊي ڊاڪٽر ڳولئي نه لڀندي، انهي ڪري سماج ۾ عورتن جي عزت کي اجاڳر ڪرڻ ۽ کين احساس تحفظ ڏيارڻ لاءِ رياست کي اثرائتي آگاهي مهم سان گڏ حڪمت عملي پڻ جوڙڻ گهرجي