ھي نظام آ خراب، انقلاب انقلاب!

0
570

دنيا جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته دنيا ۾ عوام دشمن نظام سرمائيداري/جاگيرداري رضاڪاراڻي طور تي ختم ڪونه ٿيا آھن پر عوام پاڻ مٿان ٿيندڙ ظلم ڏاڍ جبر ۽ ناانصافي خلاف متحد ۽ منظم ٿي ھڪڙي ڊگھي جدوجھد ڪري جانين جا نذرانا ڏئي ان نظام کي شڪست ڏني آھي.ڪتاب “پاڪستان جاگيرداري ۽ زمينداري جي شڪنجي۾” (اردو ايڊيشن) جو ليکڪ محمد نعيم الله لکي ٿو ته“ھالينڊ 1600 ۾آزاديءَ جي جنگ کٽي،ھسپانوي حڪمران جيڪي ھالينڊ جا جاگيردار ھئا انھن کي شڪست ڏئي ھالينڊ ۾ زمينداري جو خاتمو آندو.انگلستان ۾ 1620ع کان 1640ع تائين مسلسل خونريز خانه جنگي( Civil war) ھلي جنھن ۾ جاگيردارن کي شڪست ملي.فرانس ۾ 1789ع ۾ خونريز انقلاب آيو جنھن جاگيرداري جو خاتمو آندو.روس ۾ 1917ع چين ۾ 1949ع ،ڪيوبا ۾ 1957ع ۾ انقلاب آيا جتي جاگيرادي ۽ سرمائيداري جو خاتمو آندو ويو.” جاپان به جاگيرداريء جي موذي مرض مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ترقي ڪئي.

 

سنڌ جو عوام جاگيرادري ۽ سرداري نظام جي شڪنجي ۾ ڦاٿل

اڄ جي جديد سائنسي دور ۾ اڄوڪو انسان وڃي خلائن ۾ پھتو آھي پر سنڌ جو عوام انتھائي صديون پٺتي پيل،مدي خارج،فرسوده،عوام دشمن،علم ۽ عقل دشمن جاگيرداري ۽ قبائلي سرداري نظام جي شڪنجي مان نجات ۽ ڇوٽڪارو حاصل ڪري ڪونه سگھيو آھي پر رهندو ھي ڪوڙھيو ۽ منحوس  نظام وڃي وڌيڪ مضبوط ٿيندو. مٿئين ساڳي ڪتاب جو ليکڪ لکي ٿو ته،“1614ع تائين ڪنھن کي خبر ھئي ته انگريز واپاري 32 سالن کانپوءِ 1649ع ۾ پنھنجي بادشاھه چارلس پھرين جو سر عام پارليامينٽ سامھون ڪنڌ وڍي 1660ع ۾ انگلستان ۾ ته جاگيرداري جو خاتمو آڻيندا پر ھندستان کي فتح ڪرڻ کان پوءِ جاگيرداري زمينداري نظام کي نه صرف پنھنجي طبعي موت مرڻ کان بچائيندا پر پنھنجي سڀ کان وڏي ڪالوني( برصغير) ۾ جاگيرداري جون پاڙون وڌيڪ مضبوط ڪندا”.

سنڌ تي جڏھن انگريز سامراج قبضو ڪيو تڏھن ھنن کي امن امان بحال ڪرڻ، بغاوتن کي روڪڻ لاءِ سنڌ جي جاگيردارن، سردارن،پيرن، گادي نشينن ۽ سيدن جي حمايت ۽ مدد جي سخت ضرورت ھئي.ڪتاب “سنڌ جا پير ۽ برطانوي راڄ” جو ليکڪ سارا ڊي ايف انصاري لکي ٿو ته“سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ سر چارلس نيپيئر ۽ پھرين انگريز گورنر جو ويچار ھوته، اُھي جاگيردار سنڌ جا “فطري اشراف” ھئا.ھُن انھن کي نه بلڪل آزاد ڇڏڻ پئي چاھيو ۽ نه ئي ذليل ڪرڻ پئي گُھريو.تنھن ڪري مياڻي جي جنگ کان پوءِ ھُن اعلان ڪيو ته،جاگيردار آٿت سان پنھنجي جاين تي ويٺا رھن.انھن جون ملڪيتون کين موٽائي ڏنيون ويون.پوءِ ھڪڙو ٻيو اعلان ٿيو ته سمورا جاگيردار24 مئي 1840ع تي“ سلام” لاءِ گورنر آڏو پيش ٿين  جيڪو به پيش ٿيندو تنھن کي “سلام” پروانو (يعني جاگيرون) ڏنيون وينديون ۽ انھيءَ کي دائمي پنھنجي زمين جو مالڪ مڃيو ويندو.نيپيئر جي ان اعلان سان ھڪدم جاگيردار گھراڻن کي پيڙھين کان انھن زمينن جو وارث بنايو ويو”.

سنڌ جي پيرن گادي نشينن ۽ سيدن جي معتقدن ،مريدن ۽ پوئلڳن کي انگريز سامراج خلاف بغاوتون ڪرڻ کان روڪڻ۽ ملڪ ۾ امن امان بحال ڪرڻ لاءِ انگريز سامراج پيرن ۽ گادي نشينن معرفت “امن سڀائن”  جو بنياد وجھرائي جلسا ڪرايا.مٿئين ساڳئي ڪتاب ۾  “امن سڀائن” بابت ليکڪ لکي ٿوته،“سُھروردي ۽ قادري درگاھن سان لاڳاپو رکندڙ پير صاحب ،ھاڻي امن قائم رکڻ لاءِ امن سڀائون ٺاھڻ ۾ جُنبي ويا.اُھي امن سڀائون سرڪاري پُٺڀرائي پٽاندڙ جوڙيون پئي ويون.مثال طور حيدرآباد ضلعي “امن سڀا” جو بنياد آگسٽ 1921ع ۾ رکيو ويو ھُن جو صدر حيدرآباد جو ڪليڪٽر ھو ۽ اڳواڻن مان اڪثر مقامي پير ھئا.اُن سڀا جو نائب صدر مخدوم ھالا جو پير صديق محمد ۽ نورائي جو پير مٺن شاھه ھو ۽ ان جي  رڪنن ۾ جھوڪ جو پير غلام محمد ڀٽ شاھه جو پير غوث،بُلڙي جو پير غلام حيدرشاھه،بُڪيرا جو پير ولايت علي شاھه ۽ مخدوم ھالا جي ڀاءُ غلام حيدر جا نالا نمايان ھئا.ضلعي ۽ ڳوٺن جي سطح تي به اھو انداز ورجايو ويو.جلسن ۾ اسھڪاري ھلچل کي رد  ڪيو ويو. روھڙي جي امن سڀا جي افتتاحي تقريب ۾ قراردادون منظور ڪيون ويون جنھن ۾ سنڌين کي سرڪار( يعني برطانوي سامراج) جو وفادار رھڻ ۽ اسھڪاري ھلچل کي رد ڪيو ويو.

اسان وٽ جيڪي نام نھاد فراڊي وڏيرڪيون اليڪشنون ٿين ٿيون جن ۾ پيرن سيدن جاگيردارن جو اھم ڪرادر ھجي ٿو انھن جي حمايت ۽ مدد کان سواءِ اليڪشنون کٽڻ ناممڪن آھن ان اليڪشني ڪاروھنوار جو بنياد به برطانوي سامراج وڌو.

ساڳئي مٿئين ڪتاب ۾ ليکڪ لکي ٿو ته1931ع ۾ حيدرآباد ميونسپل بورڊ جي چونڊن جي موقعي تي ،سنڌ جي مختلف علائقن مان ساداتن ۽ پير صاحبن کي ،مسلمان ووٽرن تي اثر انداز ٿيڻ خاطر دعوت ڏني وئي.اڳتي لکي ٿو ته ،انگريز عام طور بزرگ پيرن کي ضلعي سطح تي يا ميونسپل ڪميٽين تي ٿاڦيندا ھئا ۽ وري ننڍن( يعني اولاد) کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي اڀاريندا ھُئا.ھتي اھا ڳالھه ڪجي ته اڪثر موقعن تي پنھنجي والد جي جاءِ پُٽ ۽ ننڍي ڀاءُ وڏي ڀاءُ جي جاءِ والاري.اھو عمل درجا بندي کي وڌيڪ نمايان ڪندو ھو.ھن وقت به انگريز سامراج جو جوڙيل سسٽم ھلندو اچي.

سنڌ ۾  موجود جاگيرداري ۽ قبائلي سرداري سماج جون پاڙون،ريتون رسمون رواج ماضي ۾ کُتل ۽ مضبوط آھن.ڪارو ڪاري جي لعنت،چر ڀيلي،سڱ چٽي ۾ معصوم نياڻيون ڏيڻ، نياڻين کي وڪروڪرڻ،زبردستي پوڙھن سان پرڻائڻ،جرڳا ڪري قتل ڪرڻ جا فرمان جاري ڪرڻ،لکين روپيا ڏنڊ وجھڻ جھڙا عوام دشمن ۽ انسان دشمن صديون پراڻيون ريتون ۽ رواج جيئن جو تيئن جاري آھن.سنڌ ۾ جاگيردارن ۽ قبائلي سردارن رياست اندر پنھنجي رياست قائم ڪري ڇڏي آھي جتي صرف انھن جي ملڪي آئين ۽ قانون کان مٿانھن حڪمن ۽ فيصلن تي عمل ڪيو وڃي ٿو اھي سمورا ڪم مقامي انتظاميا ۽ رياست جي سرپرستي ۾ ٿين ٿا.سنڌي عوام جي ترقي۽ خوشحالي لاءِضروري آھي ته  ھن صديون پراڻي سماج کي ڊاھي ڪو نئون انصاف ڀريو ۽ برابري تي ٻڌل سماج اڏڻ لاءِ پرامن جمھوري جدوجھد ڪجي. ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ طرفان 5 سيپٽمبر تي سکر ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس مثبت ۽ بھتر پيشدمي آھي.

لوڏ ھن سماج کي ڌوڏ سامراج کي

ٺاھه سو نئون نظام ،جو چڱو چئي عوام

ھي نظام آ خراب،انقلاب ،انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ