عوام کي حالتن جي رحم ڪرم تي ڇڏيندڙ حڪومت ۽ مخالف ڌر

0
170
ڇا عمران خان بند گهٽي ۾ ڦاسي پيو آهي ؟

  اڄڪلھه  موجوده وفاقي حڪومت جو سڄو زور عوام کي اهو باور ڪرائڻ تي آھي پاڪستان ڪورونا صورتحال مان بهتر نموني منهن ڏيندڙ دنيا جي ملڪن مان ٽئين نمبر تي آھي. وزير اعظم، حڪومتي وزير ان حوالي سان عالمي ادارن جي رپورٽن جو حوالو به ڏيندا رهن ٿا. مونکي ناهي معلوم ته عالمي ادارن ڪورونا صورتحال کي بهتر نموني  منهن ڏيندڙ دنيا جي ملڪن مان ٽئين نمبر تي پاڪستان کي ڇو رکيو آھي پر انهن رپورٽن آڌار موجوده حڪومت پاڻ کي دنيا جي ملڪن مان ٽئين نمبر تي بهترين حڪومت مڃرائڻ جا جتن ڪري رهي آھي، جن عالمي ادارن ڪورونا بابت رپورٽون ٺاهيون آھن انهن ته هتي پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي شروع کان هن وقت تائين هڪ هڪ ڏينهن حڪومتي قدمن جو يقينن نه جائزو ورتو هوندو نه ئي انهن  مشاهدو ئي ڪيو هوندو پر اسان ڪورونا وائرس جي وبا جي ابتدا کان هن وقت تائين ان حوالي سان حڪومتي قدمن جو نه رڳو روز مشاهدو پئي ڪيو آھي پر هر روز ٿيندڙ قدمن کي رپورٽ به پئي ڪيو آھي. دنيا ۾ ڪورونا وبا جيئن آئي ته عالمي صحت جي اداري ڊبليو ايڇ او ۽ ان جهڙن ٻين عالمي ادارن ۽ ماهرن ان وبا کي منهن ڏيڻ جو جيڪو فوري رستو تجويز ڪيو اهو عوام ۾ سماجي مفاصلو ڪرائڻ هو.

ظاهر آھي اهو معمول جي زندگي گذارڻ سان ته ممڪن نه هو، ان ڪري عالمي ماهرن ان لاءِ لاڪ ڊائون ڪرڻ جو مشورو يا تجويز ڏني. آمريڪا، برطانيه سوڌو ترقي يافته ملڪن جي حڪومتن ان وقت هر شيءَ کان وڌيڪ اهميت پنهنجي ملڪ جي شهرين جي زندگي جي تحفظ کي ڏني ۽ پنهنجي ملڪن اندر لاڪ ڊائون ڪيا. ظاهر آھي شهر ، ڪاروباري سرگرمين جي بندش سان انهن ملڪن جي آمدني رڪجي وئي ۽ ملڪ اندر جيڪي وسيلا موجود هئا انهن اهي ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ لاڪ ڊائون لڳڻ سبب متاثر پنهنجي عوام تي لڳايا،جنهن ڪري انهن ملڪن جي معاشي صورتحال پهريان کان خراب ٿيڻ يقيني هئي،پر اسان جي ملڪ پاڪستان جي حڪومت لاءِ ملڪ اندر شهر،ڪاروبار بند ڪرڻ ممڪن ان ڪري نه هو جو پاڪستان اڳ ئي قرض تي هلندڙ هو، پاڪستان ۾ لاڪ ڊائون ڪري عوام کي کاڌي پيتي جي شين پهچائڻ جا وسيلا ئي نه هئا، ان ڪري پاڪستان جي حڪومت عالمي صحت جي ادارن جي تجويزن جي ابتڙ 95 سيڪڙو ڪاروبار کليل رکيا. ظاهر آھي ڪنهن فيڪٽري  يا مارڪيٽ جي  کليل هجڻ سان ڪورونا کان بچاءُ لاءِ ٻڌايل سماجي فاصلو ڪرڻ به ممڪن نه هو. پاڪستان جي حڪومت پاران لاڪ ڊائون نه ڪرڻ جو سبب به بار بار اهو ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪاروبار بند ڪيو ويو ته ماڻهو ڪورونا کان وڌيڪ بک ۾ مري ويندا.  مطلب ته وفاقي  حڪومت جنهن جي عوام جي جان مال جي حفاظت ڪرڻ آئيني طور بنيادي ذميواري آھي ان مارڪيٽون، ڪاروبار کليل رکي عوام کي ڪورونا وائرس جي صورتحال جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ جو آسان ڪم ڪيو.

ظاهر آھي ان قدم سان ڪورونا وائرس سان لکين جانين ضايع ٿيڻ جو امڪان موجود هو جيڪو رسڪ دنيا جي ڪنهن به ترقي يافته ملڪ نه کنيو، نتيجي ۾ پاڪستان اندر ڪورونا وائرس جي مدت ۾ به معمول موجب ڪاروبار هلندا رهيا ان ڪري پاڪستان جي آمدني تي اوترو فرق نه پيو جيترو دنيا جي انهن ملڪن جي معيشت کي پيو جن عالمي ادارن جي پروٽوڪول جي پوئيواري ڪئي. ڇا حڪومت  کي سڄي دنيا جي ملڪن جي ڀيٽ  ۾ عوام کي حالتن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏيڻ واري فيصلي ڪرڻ تي دنيا جي ٽيون نمبر بهتر حڪومت قرار ڏجي؟ حقيقت ته اها به آھي ته هن حڪومت کي ڪورونا جي عالمي وبا پريشانين کان بچايو ان وبا ڪري سال ڏيڍ دوران جيڪي حڪومت کي قرضن جي مد ۾ ادائگيون ڪرڻيون هيون اهي به ملتوي ٿيڻ جي سهولت ملي ۽ ڪورونا صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ عالمي ادارن حڪومت کي قرض به ڏنا.  اسان جي حڪمرانن وبائي صورتحال جي مدت دوران به عوام بجاءِ حڪومتي آمدني متاثر نه ٿيڻ کي يقيني بنايو، جيئن حڪومت هلائڻ حڪمرانن جي وس کان ٻاهر نه ٿي وڃي.

ڪورونا صورتحال مان نڪري هن هنڌ پهچڻ ۾ حڪومت جو نه پر عوام جو ڪمال آھي، جيڪا سخت تنگي ۽ ڏکي صورتحال هوندي بنا حڪومتي مدد جي هن هنڌ پهتي آھي.جيڪڏهن ٻن سالن بعد برطانيه سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي اختيار ڪري رهي آھي ته ان جو سبب اهو آھي مسلسل ٻن سالن تائين عوام جي زندگي کي اهميت ڏئي هاڻي جڏهن ان وبا جي ويڪسين ايجاد ٿي آھي تڏهن برطانيه جي حڪومت انهن علائقن ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آھي جتي وبا جي شرح وڌيڪ آھي، پر ان مامري کي عمران خان جي پاليسين جي پيروي قرار ڏئي هي حڪومت عمران خان کي دنيا جو مثالي حڪمران هجڻ جو تاثر ڏئي رهي آھي. نه رڳو هي حڪومت ڪورونا صورتحال مان دنيا جي ملڪن کان بهتر نموني نڪرڻ جو ڪريڊٽ کڻي رهي آھي  پر اها به دعويٰ ڪري رهي آھي ته ملڪي معيشت بهتر ٿي آھي معاشي گروٿ 5.37 سيڪڙو تي اچي پهتي آھي. ملڪي صورتحال کي ڏسي اهو ته چئي سگهجي ٿو ته حڪومتي خزاني ۾ پهريان کان وڌيڪ ڌن هوندو پر حڪومت وٽ موجود ان ڌن جي قيمت جيڪا عوام ادا ڪئي اها ان کي ئي معلوم آھي. پاڪستان جي تاريخ ۾ عام واهپي جي شين کان وٺي عام استعمال جي شين تائين جي قيمتن ۾ جيڪو رڪارڊ اضافو ٿيو آھي ان بيناد تي اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته موجوده حڪومت ملڪي تاريخ ۾ هر حڪومت جي مهانگائي جا رڪارڊ ٽوڙي چڪي آھي.

جيڪڏهن مڃي به وٺجي ته ملڪ اندر مهانگائي جي آيل سونامي عالمي مارڪيٽ ۾ شين جي قيمتن ۾ ٿيل واڌ سبب آھي ته ڇا حڪومت جو ڪم اهو آھي جو عوام کي حالتن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏجي؟  ان مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ عوام کي ٽن عام واهپي جي شين ۾ ماهوار هڪ هزار روپين جي سبسڊي ڏيڻ واري پروگرام جي حڪومت مهينن کان پبلسٽي ايئن ڪري رهي آھي ڄڻ اهي پيسا عوام کي ادا ڪري چڪي آھي،  اهو پروگرام جيئن ڊزائن ڪيو ويو آھي ان تي ٻهراڙين ۾ عمل درآمد ممڪن نظر نٿو اچي ڇو ته ان پروگرام تحت جيڪڏهن غريب ماڻهو مثال طور دال جو ڪلو وٺندو ته 70 سيڪڙو رقم ان کي پنهنجي کيسي مان ادا ڪرڻي پوندي ۽ 30 سيڪڙو  رقم حڪومتي ڪارڊ ذريعي دڪاندار کان ڪارڊ مان ڪٽرائي سگهي ٿو، سوال هي آھي ته ملڪ جي ٻهراڙين۾ دڪان هلائيندڙن کي ڇا اليڪٽرانڪ سسٽم جي ايتري ڄاڻ آھي جو اهو ڪارڊ ذريعي اها رقم ڪٽي سگهي؟ سوال هي به آھي ته ڇا ماهوار هڪ هزار روپيا ٽن عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ سبسڊي ڏيڻ سان عوام مهانگائي جي سونامي کي منهن ڏئي سگهندو؟  جڏهن ته حڪومت ملڪ اندر يوٽيلٽي اسٽورن تي دال جي في ڪلو قيمت ۾ 85 روپين تائين به واڌ ڪئي آھي جڏهن ته گيھه ۽ تيل جي في ڪلو قيمتن ۾ پنجاهه روپين کان ستر روپين تائين  واڌ ڪئي آھي، جنهن رفتار سان شين جا اگهه وڌي رهيا آھن ان حساب سان ته مهانگائي مڊل ڪلاس ماڻهن جو به جيئڻ به جنجال ڪري ڇڏيو آھي ته پوءِ عام ماڻهو ڪهڙي ڪرب مان گذري رهيو هوندو، ان جو شايد حڪومت اندازو به نٿي ڪري سگهي.

عمران خان جي حڪومت ماضي جي سمورين حڪومتن کان وڌيڪ قرض وٺڻ جو به رڪارڊ ٺاهي چڪي آھي حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ کان خودڪشي ڪرڻ کي اهميت ڏيڻ جون ڳالھيون ڪندڙ عمران خان آءِ ايم ايف کان نه رڳو قرض ورتو پر اهڙن سخت شرطن تي قرض ورتو جن شرطن تي ماضي جي ڪنهن به حڪومت قرض نه ورتو. رياست مدينه جي طرز تي ملڪ ۾ حڪومت قائم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙ عمران خان ملڪ جي موجوده مسئلن جو ذميوار پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي حڪومتي دورن کي قرار ڏئي رهيو آھي، جيڪو مڪمل سچ نه آهي. ڇو ته ملڪي تاريخ ۾ اڌ کان وڌيڪ مدت تائين ملڪ اندر حڪمراني ڪندڙ  ماضي ۾ جيڪي غير سياسي آمرن جون حڪومتون رهيون آھن انهن کي هر مامري مان ڪيئن آجو قرار ڏئي سگهجي ٿو جن جي حڪومتي دورن ۾ ملڪ جي دريائن جا سودا ٿيا،جنگون لڳيون، ملڪ ٻه اڌ ٿيو،  پاڪستان ٻين ملڪن جي جنگن ۾ ڪڏي پيو. عمران خان انهن آمر حڪمرانن جي حڪمراني بابت ته ڪا به لب ڪشائي ڪرڻ کان پاسو ڪري رهيو آھي. هڪ چوڻي  آھي ته ڏاڍي تي ڪاوڙ چڙهي ڪونه ۽ هيڻي تان ڪاوڙ لهي ڪونه، وانگر عمران خان کي نواز شريف جو ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪ نه اچڻ تي ڪاوڙ لڳي ٿي  پر اڳوڻو آمر پرويز مشريف ڪيسن کي ڇڏي نواز شريف کان به  اڳ ملڪ مان  ٻاهر هليو ويو، ان بابت ڳالهائيندي  عمران خان جا پر ڇو سڙي رهيا آھن؟

 عمران خان جي موجوده حڪمراني جي دور کي اهو  ڪريڊٽ ڏئي سگهجي ٿو ته هن دور ۾ جيتريون طاقتور ڌريون ۽ سياسي نظام وائکو ٿيو آهي اوترو ڪڏهن به وائکو نه ٿيو آهي. پهريان ته سياسي ڌرين وٽ اهو بهانو هوندو هو ته کين چونڊن کانپوءِ آئين تحت مقرر مدت تي حڪمراني ڪرڻ نه ٿي ڏني وڃي ۽ هنن جون حڪومتون ختم ڪري آمريت مڙهي وڃي پر 2002ع کانپوءِ پيپلزپارٽي پنهنجي حڪمراني جا پنج سال پورا ڪيا ۽ ان کانپوءِ مسلم ليگ (ن) به پنهنجي 5 سالن جي مدت پوري ڪئي ۽ ايئن عمران خان جي حڪومت به 4 سال مڪمل ڪرڻ واري آهي، اهوئي سبب آهي ته هاڻي عوامي مسئلا حل نه ٿيڻ بابت سياسي ڌرين وٽ مدت پوري نه ڪرڻ وارو بهانو نه هوندو. ڀلي عمران خان جي حڪومت اڳوڻين حڪومتن کي موجوده مسئلن جو ذميوار قرار ڏيندي رهي پر حقيقت اها آهي ته اڳوڻين حڪومتن وانگر عمران خان جي حڪومت به نه رڳو عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿي آهي پر عمران خان جي حڪومت عوام جي مسئلن کي ٻين حڪومتن جي ڀيٽ ۾ اڃا وڌيڪ ڳنڀير ۽ شديد بڻائي ڇڏيو آهي. موجوده مخالف ڌر   عوام جي حق ۾  ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ايترو ته ناڪام ٿي آهن جيتري ناڪامي  ماضي ۾ ڪنهن به مخالف ڌر کي نصيب  نه ٿي آهي. موجوده مخالف ڌر نه رڳو ڇڙوڇڙ پر هڪٻئي سان ئي مقابلو ڪندي نظر اچي رهي آهي، اهوئي سبب آهي ته نيشنل پارٽي جي سينيٽ ۾ پارلياماني ليڊر طاهر بزنجو جنهن جي پارٽي به مخالف ڌر ۾ آهي ان ايوان ۾ بيهي سچ ڳالهايو ته عمران خان جي موجوده حڪومت ان ڪري به خوش نصيب آهي جو هن کي جيڪا مخالف ڌر ملي آهي اها پنهنجي مقصد سان ڪڏهن به سچي نه آهي. ايستائين جو  جنهن اسٽيٽ بئنڪ جي بل کي مخالف ڌر پاڪستان جي اسٽيٽ بئنڪ کي آءِ ايم ايف جو غلام بنائڻ جو بل قرار ڏئي رهي هئي، اها مخالف ڌر پنهنجي اڪثريت واري ايوان سينيٽ مان به ان بل جي منظوري کي روڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته سينيٽ مان حڪومت هڪ ووٽ جي فرق سان اهو بل منظور ڪرايو جنهن ڏينهن اهو بل سينيٽ مان منظور ٿيو ان ڏينهن سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر ئي غير حاضر هو، ان کانسواءِ به مخالف ڌر جا وڌيڪ 7 ميمبر غير حاضر هئا، حڪومتي ڌر غير حاضر رهندڙ مخالف ڌر جي ميمبرن جا لڳاتار ٿورا مڃي رهي آهي، نه رڳو ايترو پر سينيٽ مخالف ڌر کي مليل ناڪامي مخالف ڌر اندر ئي ڏڦيڙ پيدا ڪري ڇڏيا آهن ۽ مخالف ڌر جي ڪردار کي عوامي سطح تي مشڪوڪ نظر سان ڏسڻ سان گڏ اهو تاثر ورتو پيو وڃي ته ڪجهه معاملن ۾ مخالف ڌر حڪومت سان مليل آهي. ڀلي اهو سچ نه به هجي پر اهو ته سچ آهي ته مخالف ڌر عوام جي تڪليفن ۾ اضافو ڪندڙ حڪومتي قدمن کي روڪڻ ۾ ناڪام وئي آهي اهوئي سبب آهي ته مخالف ڌر جي حڪومت خلاف تحريڪ ۾ عوام جي جنهن سطح تي شرڪت ڏسڻ ۾ اچڻ گهرجي اها نظر نه اچي رهي آهي. ڇا اها ڳالهه مخالف ڌر جي ڪردار مٿان عوام جو عدم اعتماد ته ناهي؟