خليفي نبي بخش “قاسم” جي باڪمال شاعري

0
485
خليفي صاحب جي شاعري ۽ شاهه لطيف

سنڌي  ٻولي جي هاڪاري عالم، محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خليفي نبي بخش لغاري جو تذڪرو ڪندي لکيو آهي ۽  هو  ڪچهرين  ۽ رهاڻين ۾  اها ڳالهه ڪندو هو “ جيڪڏهن ڀٽائي صاحب سنڌي شاعري جو سج آهي ته خليفو صاحب سنڌي شاعري جو چنڊ آهي”.

  سنڌي شاعري  ۾ “مزاحمت”  کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي، شاهه لطيف کان خليفي صاحب تائين جيڪي به وڏا شاعر ٿي گذريا آهن، انهن جتي ٻين موضوعن تي مختلف صنفن  ۾ شاعري ڪري ڳايو آهي، يا ڪردارن کي  پنهنجي شاعري ذريعي حصو بڻايو آهي، اُتي اسان ڏسون ٿا ته انهن لقائن ۽ واقعن کي به ناهي وساريو، جڏهن مزاحمتي ڪردار ڪمربند ٿي ميدان ۾ پئي لٿا، يا ڏاڍ ۽ جبر جي آڏو سينو تاڻي ويڙهاند پئي ڪئي، ته شاعرن انهن جي ڪردارن کي اتساهه  ۽ حوصلو ڏيڻ جي لاءِ  “ مزاحمتي شاعري” ڪئي آهي. انهن شاعرن  ۾ خليفي نبي بخش جو نالو سنڌي شاعري جي آسمان ۾ چمڪندڙ چنڊ جيان اڄ سندس تعارف بڻيل آهي.

خليفو نبي بخش خان لغاري ، جنهن کي خليفي صاحب جي نالي سان سڏيو ويندو آهي ۽ سندس شاعري ۾ تخلص “قاسم” آهي ،پاڻ بلوچن جي لغاري قبيلي جي “سيرڪاڻي” شاخ مان بالاچي پاڙي جو فرد هو، سيرڪاڻي لغاري ڪلهوڙن جي دور جي پڇاڙڪي وارن ڏهاڙن ۾ ديري غازي خان مان اچي بدين  جي ڍوري پراڻ جي ڪپ تي سڪونت اختيار ڪئي.خليفي صاحب جو والد بالاچ خان کي مير صاحبن جاگيرون ڏنيون ۽ کين مکيه سردارن ۾ پڻ شامل ڪيو ويو.

خليفو صاحب لغاري قبيلي جي معتبر بالاچ خان لغاري جي گهر ۾  سنه 1190هجري 1776ع ڌاري  ڳوٺ مٺي تعلقي ٽنڊي باگي ۾ پيدا ٿيو، انهي وقت ٽالپرن ڪلهوڙن کان سنڌ فتح ڪئي هئي جڏهن خليفي صاحب جي ڄمار ست سال مس هُئي.خليفو صاحب تمام وڏو ذهين ۽ باذوق هو، بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ، کين فارسي ۽ عربي جي تعليم ڏياري ويئي، خليفي صاحب ننڍپڻ کان ئي پنهنجي مطالعي کي وسيع ڪيو، فارسي زبان ۽ ادب مان تمام گهڻو حظ حاصل ڪيائون. خليفي صاحب جي بنيادي تعليم جي حوالي سان کڻي گهڻو احوال نه ٿو ملي پر محترم لطف الله بدوي لکيو آهي ته  “ معلوم ٿئي ٿو ته  ننڍپڻ ۾ خليفي صاحب جي تعليم چڱي ريت ٿي آهي، ڇو ته سندس تصنيفات مان عالمانه رنگ پيو نظر اچي”.

خليفو صاحب ڪتابي علم کان سواءِ پنهنجي خداداد صلاحيتن جي ڪري به هوشيار هو، نهايت خوبصورت هجڻ سان گڏ  خليفو صاحب تمام ذهين ۽ ڏاهو هو.  پنجويهن سالن جي ڄمار ۾  خليفو صاحب عشق جي آڙاهه مان اُڪرڻ لڳو ، جڏهن مير ٺاري خان جي ڀيڻ صابل سان اک لڳي تڏهن کان سندن نيڻن مان ننڊ موڪلائي ويئي، هر وقت صابل جي ياد ۾ پنهنجو پاڻ وساري ويٺل نظر اچڻ لڳو. کانئس دوستن يارن جون ڪچهريون ۽ مير ٺاري خان جون محفلون وسري چُڪيون هيون. صابل جي عشق کيس دُنيا جهان جي معتبري ، ٺٺ ٺاٺ، سرداري کان ارواهه ئي کڻائي ڇڏيو، سو مير صاحب کي اچي ڳڻتي ورايو ته نبي بخش خان جهڙو ڏاهو، بهادر ۽ سردار ماڻهو ڪچهرين مان غير حاضر ڇو پيو رهي، تنهن ڪري ميرٺاري خان خليفي صاحب ڏانهن سندن ڪچهري ۾ اچڻ جي لاءِ نياپو اماڻيو. جڏهن مير صاحب جو کين نياپو مليو ته نبي بخش خان فوري طور تي اچي حاضري ڏني. انهي مهل مير ٺاري خان نبي بخش ڏانهن مخاطب ٿي چيو ته تو جهڙي داناءُ سردار کان ايتري ڪوتاهي؟  نبي بخش کين ورندي ڏنائون ته مير صاحب! عقل گدڙ وانگر پنهنجي ڏر تي محڪم ويٺو هو، پر عشق جي شينهن اچي گجڳوڙ ڪئي، تڏهن ويچارو گدڙ ڀڄي ويو. مير ٺاري خان ماٺ ڪئي ۽ کين وڃڻ جي اجازت ڏنائون.

خليفي صاحب جي عشق جي  سُڌ جڏهن مير ٺاري خان کي پئي ته  مير صاحب  پنهنجي ماڻهن هٿان خليفي صاحب کي تمام گهڻو تنگ ڪرائڻ شروع ڪيو . خليفو صاحب جيڪو صابل جي حسن مٿان موهجي چُڪو هو ۽ صابل جي اسرار تي خليفي صاحب کڻي وڃي نڪاح ڪيو. ٻئي طرف خليفي صاحب سان مير باگي خان جي قربت ۽ همدردي ۾ اضافو انهي ڪري ٿيو جو مير باگو اڳ ئي  سنڌ راڻي جي عشق ۾ پنهنجيون جاگيرون ۽ جائيدادون ڇڏي چُڪو هو ۽ سو خليفي صاحب کي پيڙاهه مان گذرندو ڏسي کين احساس ٿيو ۽ ٻنهي جي وچ ۾ اڳي کان وڌيڪ ياري وارو ڳانڍاپو مضبوط ٿيو. انهي زماني ۾ مير ٺاري خان پاران مسلسل تنگ ڪرڻ جي ڪري خليفي صاحب پنهنجي گهروارن سميت اصلوڪي ڳوٺ مٺي  ٿري  مان لڏي اچي بڊام جي نون پٽن تي اچي رهيو، جنهن جي لاءِ مير باگي  کين اجازت ڏني هُئي.

اُتي خليفي صاحب جي زندگي تمام سٺي گذري رهي هُئي، سندس زال محبوبه صابل جو ساهه هر وقت خليفي صاحب ۾ اٽڪيل هوندو هو، ڪيڏانهن به ويندو هو ته صابل جي من مانڊاڻ ۽  اندر ۾ اُڻ تُڻ پئي ٿيندي هُئي. هڪڙي  دفعي خليفي صاحب کي ٻاهر وڃڻ کان روڪيو پر خليفو قاسم ڪنهن ڪم سانگي ويو هليو پويان صابل خودڪشي ڪري پنهنجي پاڻ کي ماري ڇڏيو. اها خبر جڏهن خليفي صاحب کي پئي ته پاڻ پنهنجو حال وڃائي ڇڏيو ۽  پوءِ خليفي صاحب جي لاءِ محبتون آڇيندڙ ۽ ڏُک سُک جو ساٿي  مير باگو خان به موڪلايو ته ماڳهين خليفي صاحب  جي حالت ديوانن جهڙي ٿي ويئي، گهڻو وقت خاموش رهڻ لڳو، هروقت وڃايل وڃايل نظر اچڻ لڳو، دوستن يارن سان ملڻ ڇڏي ڏنو. خليفي صاحب کي سندن زال صابل ۽ دِلي دوست مير باگي جي موت اهڙو گهاءُ ڏنو جو سندن اندر رت ٿي ويو.

بڊام جي پڊ تان مليل دردن ۽ گهائن بعد خليفو صاحب اُتان لڏي اچي تعلقي ٽنڊي باگي جي ديهه اُنڙڪي ۾ باگي واهه جي اُتر طرف ڪپ تي نار جي اوڀر طرف ڳوٺ ٻڌو، انهي ڪري کيس اڄ تائين نار وارا خليفا سڏيو ويندو آهي.خليفي صاحب جو پڳ مٽ يار قاسم، جيڪو سندس سڳو ماسات پڻ هو، جنهن کي خليفي صاحب جي حالت برداشت نه ٿي  جو کين حضرت پير سائين محمد راشدشاهه روضي ڌڻي جي خدمت ۾ وٺي وڃڻ جو ارادو ڪيو، قاسم ڪجهه سال نبي بخش کان ننڍو هو پر دوستي واري سڳي ۾ عمر جو ڪڏهن فرق محسوس نه ٿيو. قاسم ننڍپڻ کان پنهنجي والد بزرگ سان گڏ حضرت پير سائين محمد راشد روضي وارن ڏانهن ويندو رهندو هو. ٻنهي ماساتن جي محبت  واري رشتي متعلق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته “ ٻئي هڪٻئي جا ساٿي هئا ۽ سندن ياري جو ناتو سندن اعزازت کان ٻه رتيون ڪثر هو”جڏهن خليفي صاحب کي سندس ماسات قاسم  ساڻ ڪري پير سائين راشد شاهه روضي وارن جي خدمت ۾ حاضر ڪيو ، جو مٿن مرشد جي محبت ۽ فيض جو تمام گهڻو اثر ٿيو، جو مجازي عشق وارو اثر به موڪلائي ويو . خليفي صاحب جي قلب پير صاحب جي فيص سان روشن ٿي ويو. خليفي صاحب وٽ پنهنجي مرشد جو وڏو مان ۽ مرتبو هو ، کين خلافت جي ذميواري ڏني ويئي جيڪا پنهنجي عمر جي آخري ڏهاڙن تائين نڀائي .

خليفي  صاحب  صابل جي موت کان پوءِ  پنهنجي خاندان مان  شادي ڪئي ، جنهن جو نالو خاني هو، اڳئين گهرواري صابل مان اولاد نه هو، ٻي گهرواري مان ٻه پُٽ ٿيا، هڪڙي جو نالو مراد ۽ ٻئي جو نالو احسان هو. مُراد کي ڪو اولاد نه هو ، وفات ڪري ويو ، جڏهن ته احسان کي ٽي پُٽ ٿيا، جنهن مان خليفو غلام نبي لغاري  ۽ خليفو علي بخش لغاري ناليوارا ٿي گذريا آهن، جنهن جو تعلق پير پاڳاري جي درگاهه سان هو، غلام نبي خليفي فرق جماعت جو بنياد وڌو ، جڏهن ته ٻيو ڀاءُ خليفو علي بخش سالم جماعت ۾ رهيو .

خليفي صاحب جا جيڪي پڳ مٽ يار هئا تن ۾ سندن سڳو ماسات قاسم ، جنهن سان  بيپناهه محبت هيس ، مير باگو خان ٽالپر، ماتلي تعلقي جي ڳوٺ کُڏي جو مخدوم اسماعيل تُرڪ، جمال فقير احمداڻي، خليفو سارنگ ڪلهوڙو، خليفو محمود فقير نظاماڻي ڪڙيي گهنور وارو  شامل آهن.خليفو صاحب پير سائين راشد شاهه روضي وارن جو وڏو خليفو هو، جڏهن ته محمود فقير ڪڙيي گهنور وارو خليفو هو ٻنهي جو تعلق لاڙ سان هو، ٻئي پير سائين روضي وارن جا مُک خليفا هئا. خليفو صاحب پير سائين صبغت الله شاهه پهرين ، پير سيد علي گوهر شاهه اصغر سائين ٻيون پيرپاڳارو ۽ پير سيد حزب الله شاهه ٽئين پير پاڳاري تائين ٽنهي گادي نشين پير پاڳارن وٽ خليفي جي حيثيت سان درگاهه جي خدمتگار ٿي رهيو. نيٺ خليفو صاحب 1280 هجري 1863ع ڌاري هن جهان مان رحلت ڪئي پر پويان سنڌ ۾ پنهنجو ڪلام ڇڏي ويو، جيڪو اسان جي لاءِ وڏو علمي اثاثو آهي.

مقامي صنفن، وائي،ڀُڄن ۽ سهرا وغيره کي اُردو ٻولي جي لباس ۾ ڍڪيل خليفي صاحب جو ڪلام سنڌي شاعري جي تاريخ ۾ وڏو اضافو آهي. خليفي صاحب  جنهن نموني سان هندي، سرائيڪي، اُردو ۽ راجسٿاني ٻولين ۾ وڏي مهارت سان بي مثال شاعري ڪئي آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو ته خليفو صاحب وڏي پايي جو سنڌي شاعر هو،اها ڪمال جي ڳالهه چئبي ته خليفي صاحب  هندي ٻولي ۾ راسوڙا ۽ ڀڄن لکيا آهن.خليفي صاحب جي ڪلام ۾  وحدانيت جي تصور، تصوف، ارادي جي پختگي، ذهني آزادي ۽ غلامي، جدوجهد ۽ جستجو، هٺ ۽ وڏائي کان پاسو ڪرڻ، محبت ۽ اتحاد، سستي ۽ غفلت ترڪ ڪرڻ  سميت ٻين ڪيترن ئي موضوعن سان گڏوگڏ سُرڪيڏارو شامل آهي، خليفي صاحب جمالياتي تصور کي تمام خوبصورت نموني سان پيش ڪيو آهي، سندس لکيل مداحون ۽  ڪافيون موسيقيت جي حسن جو مظهر آهن، کين راڳ جي باري ۾ تمام گهڻي ڄاڻ هُئي.

جڏهن ته سرائيڪي، هندي، اُردو شاعري به خليفي جي ڪلام ۾ موجود آهي. خليفي صاحب پنهنجي سڄي شاعري ۾ خاص ڪري علامتن طور تي جيڪي لفظ استعمال ڪري پنهنجا خيال پيش ڪيا آهن، سيڱون، سيڻ، سينو، سِج، چانور، مهريون، نينهن، سڌڙيا، شراب، ڪڙو، پياليون، سوري،اڏي، انگ، دوڳڙا، ڪڻاهه، ڪرنگ، ڪيسررنگ،ڪچ، ڪوڙ، صراف، موتي، مرجان، آذقو، سون ، لوهه، پارکو، رات، چنڊ، ويريون، ناکئا، واءُ، سڙهه، گهيڙ، تڙ، ڪِير، درياءَ، ڪبير، پربندر، وڄ، اُڀ، مينهن، موهر، جر، مڇي، سارنگ، آب، سُک، پلر،سُڃ،رُڃ، روجهه،سُک، سُڪار،سوڀ، سر، لوڀ، نيزو،ڌڙ، ٻرڻ، ڪنڀر نهائين، سنگهار، مارو، ماڙ، وِک، راند، سُور وغيره اهي علامتون آهن، جيڪي سندن سڄي ڪلام ۾ اصل مفهوم ۽ معنيٰ کي سمجهڻ جي لاءِ گهڻيون آسان آهن. خليفي صاحب جو لکيل سُر ڪيڏارو ،سُرڪلياڻ ،سامونڊي، سارنگ، مارئي، سسئي سرائيڪي ٻولي ۾ جهنگلو سميت ٻيا سُر خليفي نبي بخش قاسم جي اعليٰ ذهانت ۽ پختي فڪر جو اظهار آهن.

خليفو صاحب سُر سامونڊي ۾ چوي ٿو؛

اڄ مَ وڃو اوهيري، مون کي ڏيئي ڏنجهه،

سامونڊين سان سنجهه، ڪريان روح رچنديون.

سُر سارنگ ۾ خليفي صاحب هينئن ٿو فرمائي؛

مينهن ڀِڄايس مانگڙي، نيڻ ٽمايُس نينهن،

سَر چُني ، ڳل ڪَنچرو، پُسيس پانڌن سين،

ڪانڌ نپُوڙيس ڪپڙا، حاضر ويهي هيئن،

قاسم! ڪانڌ سهاڳڻيون، رَمن راتو ڏينهن.

خليفي صاحب جي سرائڪي زبان ۾ جوڙيل  “ سسئي” آڳاٽو بمبئي مان ڇپي ويئي ، جيڪا گهڻو مقبول پڻ ٿي. خليفي صاحب جو سنڌي رسالو ۽ ٻيو قلمي صورت ۾ باقي رهيو، جنهن جي ڄاڻ  سندس اولاد ۽ جماعت جي فقيرن تائين محدود رهي، علمي حلقا قيمتي ڪلام کان بيخبر رهيا. خليفي صاحب جو رسالو “ خليفي صاحب جو ڪلام”  ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي محنتن سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو آهي، انهي کان سواءِ  خليفي صاحب جي شاعري تي وڏو تحقيقي ڪم پروفيسر ڊاڪٽر قادربخش مگسي ڪيو آهي، جنهن جي تحقيق جو موضوع خليفي نبي بخش “قاسم” جي شاعري آهي، جنهن تي  تحقيقي جائزو وٺندي مگسي صاحب زبردست ڪم ڪيو آهي.  خليفي صاحب جي شاعري تي اڃان گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته خليفي صاحب شاعري سنڌي شاعري ۾ منفرد آهي، شاعري ۾ جيڪي به موضوع آهن، سي ڀٽائي صاحب جي ڪلام ۾ موجود آهن پر خليفي صاحب جنهن جدت ۽ نواڻ سان پنهنجي فڪري قوت سان بيان ڪيو آهي، سنڌ جي شاعراڻي تاريخ ۾ ٻيو ڪو خليفو قاسم پيد اٿي نه سگهندو.

[email protected]