حڪومت رڳو دعويٰ ڪندي يا عوام کي رليف به ڏيندي؟

0
173
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

  حڪومت هڪ پاسي دعويٰ ڪري رهي آهي ته عالمي ادارن جون رپورٽون اهو مڃي رهيون آهن ته ڪورونا دوران معاشي معاملن کي بهتر نموني سنڀالڻ ۾ پاڪستان دنيا جي ٽيون نمبر ملڪ آهي جنهن ڪري ان جي معيشت تي خراب اثر نه پيا ته ٻئي طرف وري زميني حقيقتون ان جي ابتڙ ڪهاڻي ٻڌائي رهيون آهن. معيشت بهتر ٿيڻ جو مطلب اهو هرگز نه ٿو چئي سگهجي ته ملڪي خزانو ڀريل هجي پر ان جو مطلب اهو آهي ته ان خزاني ذريعي عوام جي زندگي کي بهتر بڻايو وڃي يا انهن کي رليف مهيا ڪيو وڃي. رڳو قرض کڻي يا ٽئڪس هڻي پنهنجي خالي خزاني کي ته ڀري سگهجي ٿو پر اهو جيڪڏهن عوام جي زندگي کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار نه ٿو ٿئي ته ان جو ڪو به فائدو نه ٿيندو ڇو قرضن ۽ انهن ٽئڪسن جو بار به عام ماڻهو تي ئي پوي ٿو ۽ اول آخر عوام جي بهتري ئي حڪمراني جو نصب العين هئڻ گهرجي.

مهانگائي جو طوفان عوام کي گهڻي وقت کان وٺي پريشان ڪري رهيو آهي پر حڪومت آهي جيڪا مهانگائي جي جن کي بوتل ۾ بند ڪرڻ بدران رڳو دعوائون ڪري رهي آهي پر ان کي عوام جي مسئلن ۽ پريشانين جو ڪو ادراڪ ناهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن لڳندو آهي ته حڪمران حڪومت ته عوام تي ڪن ٿا پر رهن ڪنهن ٻي دنيا ۾ ٿا جن کي هتان جي مسئلن جي خبر ئي ناهي. ڪڏهن اهي دعويٰ ڪن ٿا ته پاڪستان ۾ مهانگائي دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، ڪڏهن چون ٿا ته مري ۾ سياحن جي رش ثابت ڪري ٿي ته ملڪ خوشحال ٿي رهيو آهي ۽ ماڻهن جي معاشي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، جنهن ڪري ايڏي تعداد ۾ گاڏين جو وڪرو ٿي رهيو آهي.پر اڄ تائين ڪنهن به اهو ناهي چيو ته دال جي قيمت ڪيتري آهي، اٽي جو اگهه ڪٿي پهتو آهي ،کنڊ ڪهڙي حساب سان ملي رهي آهي جيڪي عام ماڻهو ۽ ڏهاڙي تي ڪمائيندڙ ماڻهن جا بنيادي مسئلا آهن.

گاڏين جو وڪرو ۽ سير تفريح ته مٿئين ڪلاس جي انهن لکين ماڻهن جو شغل آهي جيڪي اٽو يا دال وٺڻ لاءِ ڪڏهن به مارڪيٽ نه ويا هوندا، انهن لاءِ اهو ضرورت جو سامان وٺڻ لاءِ به نوڪر رکيل هوندا آهن پر جيڪي 80 سيڪڙو ماڻهو  ٻن ويلن جي پورت لاءِ سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪن ٿا اهي حڪومت جي ڄڻ ليکي ۾ ئي نه آهن جو انهن جو حڪومت ڪڏهن ڪو ذڪر ڪيو هجي. جيڪڏهن حڪومت کي انهن جو خيال هجي ها ته ٿورو گهڻو عوام ۽ مڊل ڪلاس کي قيمتن ۾ ملندڙ رليف به حڪومت واپس نه وٺي ها ۽ يوٽيليٽي اسٽورن تي انهن عام استعال جي شين جا اگهه نه وڌايا وڃن ها. دال،گيهه ۽ تيل جا اگهه جيڪي اڳ ئي هنن ٽن سالن ۾ ٻيڻ ٽيڻ تي وڌي ويا آهن انهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪئي وئي آهي، توڙي جو يوٽيلٽي اسٽورن تائين هر عام ماڻهو جي پهچ ناهي پر پوءِ به ڪنهن حد تائين عوام کي اتان سستي اگهه ۾ شيون ملي وينديون هيون جيڪي به ڄڻ هاڻي عام کليل مارڪيٽ ۾ ملندڙ شين جي اگهن برابر ٿي ويون آهن.

اسان سمجهون ٿا ته عوام جو انهي دال روٽي تي ئي گذر آهي جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهي سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪن ٿا.حڪومت وڏن سرمائيدارن،تعميراتي شعبي ۽ ٻين کي وڏي رعايت ڏئي رهي آهي ته ڪجهه ارب جيڪڏهن انهي دال ،گيهه ۽ تيل تي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ خرچ ڪندي ته ڪو انهي جي خزاني تي ايڏو بار نه پوندو جيترو بار وڏن سيٺين کي ڇوٽ ڏيڻ تي ٿئي ٿو. تنهن ڪري حڪومت فوري طور انهن عام استعمال جي شين جا يوٽيلٽي اسٽورن تي وڌايل اگهه واپس وٺي ته جيئن ڪنهن پورهيت جو ٻار بيٽ بکيو سمهڻ کان بچي سگهي.