عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ سڀڙي واسڻ ۽ چار ٻارن جي ماءُ راڌا ڀيل تي سندس مڙس ساجن ڀيل بي رحماڻو تشدد ڪري شديد زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ وارثن عمرڪوٽ ٿاڻي تي وٺي ويا جتي پوليس پاران علاج ڪرائڻ لاءِ ليٽر جاري ڪيو ويو، جنهن بعد ناري کي وارثن سول اسپتال عمرڪوٽ پهچايو ويو جتي سندس علاج جاري آهي، مڙس جي تشدد سبب زخمي ٿيل ناري راڌا ڀيل ٻڌايو ته منهنجو مڙس ساجن ڀيل ڊيلي شراب پي مون تي تشدد ڪندو آهي ڪالهه منهنجي مڙس شراب پي لٺين سان منهنجو مٿو ڦاڙي وڌو، اک تي ڌڪ لڳڻ سبب منهنجي اک جي نظر ختم ٿي وئي آهي. ناري جي والد ڪرشن ڀيل ٻڌايو ته ڌيءَ راڌا ڀيل جي شادي ڪجهه سال پهرين ڳوٺ سڀڙي جي رهواسي ساجن ڀيل سان ڪرائي هئي پر سندس مڙس هڪ موالي قسم جو ماڻهو آهي منهنجي ڌيءَ کي نشي واري حالت ۾ لٺين جا ڌڪ هنيا آهن جنهن سبب منهنجي ڌيءُ شديد زخمي ٿي پئي آهي. آخري اطلاعن موجب واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.