سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان زيرو پوائنٽ وٽ موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب عنايت مگسي ۽ سندس 10سالن جي معصوم نياڻي جميلان مگسي زخمي ٿي پيا جن کي تعلقي اسپتال سڪرنڊ منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته ٻئي طرف سڪرنڊ شھر جو واپاري شھمير انڙ گھر جي ڇت تي چڙھندي ڪري پيو جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو آھي جنهن کي حالت نازڪ هئڻ ڪري نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.