عمرڪوٽ (ن پ ا) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالوحيد شيخ جي عدالت جوابدار رضوان گشڪوري تي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 25 سال قيد جي سزا ۽ پنج لک ڏنڊ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جڏهن ته ڪجھه مھينا اڳ جوابدار رضوان گشڪوري ۽ رمضان گشڪوري مٿان ٽالھي ٿاڻي تي 3 مڻ 13 ڪلو چرس رکڻ جو ڪيس سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو ھو، جڏھن ته ڄاڻايل جوابدار ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ تي وڌيڪ 2 سال قيد ڪاٽيندو، ڪيس ۾ ٻيو جوابدار ڄاڻايل رمضان گشڪوري کي عدالت  باعزت بري ڪري ڇڏيو.