ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) خام تيل،  اسپتالن ۽ فيڪٽرين جو گند ڪچرو سمنڊ ۾ ڇڏڻ سبب آبي جيوت مرڻ جو خدشو، ان ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ عدالت ماحولياتي تحفظ واري اداري  سيپا کي هدايت ڪئي آهي ته صورتحال جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، عدالت ڪلفٽن ڪينٽونمينٽ بورڊ، ڊي ايچ اي ۽ ڪي ايم سي کان به جواب طلب ڪري ورتو، ڪالهه ٻڌڻي دوران وڪيل جعفر رضا ٻڌايو ته اسپتالن ۽ فيڪٽرين جو گند ڪچرو، گٽرن جو گندو پاڻي سبب ڇوڙ ڪرائڻ سبب سمنڊ ۾ ماحولياتي گدلاڻ وڌي وئي آهي، انتظاميا جي لاپرواهيءَ سبب سامونڊي آبي جيوت خطرناڪ حد تائين تباهه ٿي رهي آهي، جنهن تي جسٽس عقيل عباسي ريمارڪس ڏيندي چيو ته الله تعالي بھترين سمنڊ ڏنو آهي، اوهان انهي جي حفاظت ڪريو، هتي گند ڪچرو اڇلائي سمنڊ کي تباهه ڪيو پيو وڃي  عدالت ماحولياتي تحفظ واري اداري کي هدايت ڪئي ته سامونڊي ڪناري جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، عدالت ڪينٽونمينٽ بورڊ، ڊي ايڇ اي ۽ ڪي ايم سي کان جواب طلب ڪري ورتو، ان موقعي تي سيپا جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته گندي پاڻي کي صاف ڪرڻ لاءِ 2 ملين گيلن جي گنجائش وارو ھڪ ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايو ويو آهي، عدالت ٽريٽمينٽ پلانٽ جي گنجائش جا تفصيل به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 5 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.