وارھ (ن پ ا) وارھ ٽائون اندر هنگامي بنيادن تي مختلف ترقياتي ڪمن جي مد ۾ خرچ ڏيکاريل 81 لک 79 هزار 2 سئو 60  جا بل پاس نه ٿيڻ تي ٺيڪيدار محمد نواز کهاوڙ وارھ جي سينيئر سول جج وحيد احمد  جي عدالت ۾ وڪيل معرفت  پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته وارھ ٽائون ڏانهن81 لک کان وڌيڪ جا بقايا رهيل آهن، بل پاس نه ٿا ڪيا وڃن ، انتظاميا خلاف ڪاروائي ڪري بل ڏياريا وڃن.عدالت ٽائون آفيسر وارھ وريل چانڊيو ۽ ايڊمنسٽريٽر اياز لاشاري کي 6 مارچ تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. جي يوآءِ اڳواڻ محمد صديق مڱڻيجو ۽ پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻنياز حيدري جو چوڻ هو ته  وارھ ٽائون جو او زيڊ ٽي حصو 22 لک وڌڻ بعد ترقياتي ڪم ڏيکاري ڪوڙا بل ٺاهيا ويا آھن.ٺيڪيدار سان ٽائون جا اهم عملدار ايڊمنسٽريٽر، اڪائونٽنٽ، ٽائون آفيسر ۽ ٻيا عملدار ملوث آھن، جن ٺيڪيدار سان ملي ڀڳت ڪري عدالت ۾ درخواست  داخل ڪرائي  ڪوڙا بل ٺاهي بجيٽ تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي  آھي، شفاف جاچ ڪرائي وڃي.