عمرڪوٽ (رپورٽر) شرافت راجپوت قتل ڪيس واري مامرو تي ايڪشن ڪاميٽي  پاران اڄ جمعي ڏينھن شٽربند ھڙتال ڪرڻ وارو ڏنل سڏ واپس ورتو ويو آھي، ان ڏس ۾ ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻن حاجي ساند، گل بجير، سومار قادري، عدنان راجپوت، خالد آرائين ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي اهڙو اعلان ڪيو. هنن چيو ته ساڳيو ڏينھن پي ٽي آءِ اڳواڻ ليکراج مالھي به احتجاج لاءِ رکيو آھي ان ڪري اسان ڏنل سڏ واپس وٺون ٿا.