حيات پتافي (ن پ ا) ڪنڌڪوٽ مان 2 ڏينهن نوجوان جي گمشدگيءَ جون خبرون ثائيم  نيوز تي نشر ٿيڻ بعد پوليس سرحد ٿاڻي تي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي. خبر موجب ڪنڌڪوٽ واسي نوجوان عبدالمجيد ولد غلام محمد ميراڻي 2 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويو هو. گذريل ڏينهن نوجوان جي وارثن حيات پتافيءَ ۾ احتجاج ڪيو. ان حوالي سان ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد پوليس سرحد ٿاڻي تان نوجوان جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي.  ان سلسلي ۾ وارث رحمت ميراڻي ٻڌايو ته نوجوان عبدالمجيد ميلي تي ويل هو، واپسيءَ تي پراسرار نموني گم ٿي ويو. ٻن ڏينهن کان نوجوان جي ڳولا ڪري رهيا هئاسين، اڄ صبح جو حيات پتافي ۾ احتجاجي مظاهر به ڪيو، اهڙي خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ بعد سرحد پوليس نوجوان جي گرفتاري ظاهر ڪئي آهي.  ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي جيب ڪٽيندي گرفتار ڪيو آهي. واثن جو چوڻ آهي ته نوجوان جو والد به مزدوري ڪندو آهي.