دادو ( رپورٽر ) آبپاشي کاتي دادو جي عملدارن پاران عدالتي حڪمن باوجود جوهي جي  پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي نه پهچائڻ تي عدالت آبپاشي عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو منومل کڳيجا آبپاشي سيڪريٽري کي جوهي بئراج جو معائنو ڪري پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي پهچائڻ پهچائڻ لاء لکت ۾ ليٽر موڪلي ڇڏيو ، ليٽر ۾ اهو به لکيو آهي ته پُڇڙي جي آبادگارن جي شڪايت آهي ته پاڻي چوري ۾ بااثر آبادگارن سان آبپاشي کاتي دادو جا ملازم پڻ شامل آهن ، ان لاء توهان دادو اچي جوهي بئراج جو معائنو ڪري پڇڙي تائين پاڻي پهچايو ، جيڪڏهن پاڻي چوري ۾ آبپاشي کاتي جا ملازم ملوث هجن تي انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ سان گڏ کين ضلعي بدر ڪيو وڃي ، ان کان اڳ عدالت پڇڙي جي آبادگارن جي آئيني درخواست تي آبپاشي کاتي دادو جي عملدارن کي جوهي جي پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ لاء حڪم ڏنا هئا جنهن تي آبپاشي کاتي دادو جي عملدارن عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي ته بااثر آبادگارن دڪا هڻي پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي بند ڪري هٿياربند ويهاريا آهن ، ان ڪري رينجرز ڏني وڃي. عدالت  ايس ايس پي کي نوٽيس جاري ڪري پاڻي چوري ڪندڙ آبادگارن خلاف قانوني ڪرڻ جا حڪم ڏنا هئا پر ڪاروائي نه ڪرڻ ۽ پاڻي نه پهچائڻ تي سيشن جج دادو پاران آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري کي ليٽر موڪليو آهي.