اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته عمران خان، فواد چوڌري ۽ ٻين جا ڌانڌلين وارا الزام بي بنياد آهن، ترجمان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي، هيل تائين چونڊن وارو عمل شفاف رهيو آهي، ترجمان موجب ڪو به شخص اليڪشن عمل تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو ته آئين ۽ قانون موجب سختيءَ سان منهن ڏنو ويندو.