لاڙڪاڻو (بيورورپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد لاهوري ريگيوليٽر رائيس ڪئنال جي پل تان ٿرڙي محبت واسي 28 ورھين جي نوجوان وجاهت علي ناريجو بيروزگاري ۽ گهريلو پريشانين کان تنگ اچي ٽپو ڏئي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي اتي موجود ماڻهن رائيس ڪئنال مان ڪڍي فوري طور چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي چانڊڪا اسپتال جي انتظاميا ٻڌايو ته نوجوان وجاهت علي ناريجو نشي جو عادي آهي، جيڪو پنهنجي والدين، مٽ مائٽ ۽ دوستن کان پئسا وٺي نشو ڪندو هو، جن پئسا ڏيڻ بند ڪيا ۽ هو مسلسل بيروزگاري واري زندگي گذاري رهيو هو جنهن اڄ ٿرڙي محبت کان لاڙڪاڻي اچي لاهوري محلا رائيس ڪئنال پل تان ٽپو ڏئي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي اتي موجود ماڻهن بچائي ورتو آهي.