لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين کي خطرو، زمان پارڪ هائوس جي سيڪيورٽي سخت، ڪي پي ڪي پوليس جا ڪمانڊوز مقرر ڪيا ويا، ع زمان پارڪ لاهور واري رهائشگاهه ٻاهران تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪري علائقي کي نوگو ايريا بڻايو ويو آهي، واري سان ڀريل 17 هزار ٻورين سان حفاظتي ديوار ڪڍي وئي، چيڪ پوسٽون قائم ڪري پوليس به مقرر ڪئي وئي، ڪيمرائون نصب ڪيون ويون، ذريعن موجب ڪي پي ڪي پوليس جا ڪمانڊوز عمران خان جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن.