لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان کي تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ واري دراخواست تي چيف جسٽس کي لارجر بينچ جوڙڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محمود سيٺي عمران خان کي پارٽي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار محمد آفاق طرفان وفاقي حڪومت، اليڪشن ڪميشن، عمران خان ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عمران خان اين اي 95 تان نااهل قرار ڏنو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ عمران خان نااهل ٿي چڪو آهي، انڪري عمران خان کي پارٽي چيئرمين جو عهدو رکڻ جو حق به نه رهيو آهي، کيس پارٽي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن. عدالت درخواست تي لارجر بينچ جوڙڻ جي سفارش ڪندي فائل چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو. عدالت طرفان هڪ ئي نوعيت جي ٻن ڪيسن تي لارجر بينچ جوڙن جي سفارش ڪئي وئي آهي جڏهن ته ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي آهي.