عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي: ڊي جي سنڌ بلڊنگ اٿارٽي عدالت طلب

0
244
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ عدالتي حڪم باوجود سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي 147 ملازمن کي پڪو نه ڪرڻ تي ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي سڀاڻي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. ملازمن محمد ايوب,محمد يونس, عاشق حسين ۽ ٻين وڪيلن معرفت عدالت ۾ مستقل نه ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي. وڪيلن عدالت کي آگاهي ڏني ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت ملازمن کي مستقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر عدالتي حڪم باوجود عملدار مستقل نه ٿا ڪن. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڊي جي گذريل ٻڌڻي تي عدالت ۾ خاطري ڪرائي هئي ته ملازمن کي مستقل ڪيو ويندو پوءِ عدالتي حڪم تي عمل ڇو نه ڪيو ويو؟ وڪيل جواب ڏنو ته ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي آهي. عدالت رمارڪس ڏنا ته رپورٽ کي ڇاڪنداسين ڊي جي کي محبت جو پيغام موڪليون ٿا جيئن هو سڀاڻي اچي پاڻ رپورٽ بابت آگاه ڪري.