عثمان شاھ ھڙي (ن پ ا) عثمان شاهه هڙي ويجھو پوليس ڪارروائي ڪري 14 ليٽر ڪچو تيل هٿ جي دعويٰ ڪندي ٻه ڄڻا گرفتار ڪري ورتا آهن. عمر ساند ٿاڻي جي حد واري ٽنڊوالهيار ٽنڊو آدم مين روڊ تي ٽنڊو آدم کان ڪچو پيٽرول کڻي ايندڙ سوزوڪي پڪ اپ تي ڇاپو ھڻي 1400 ليٽر کان مٿي ڪچو پيٽرول ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي ٻن ڄڻن سرفراز راجپوت، ڪرشن ڀيل کي حراست ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏھن ته علي اعجاز کتري، نديم کوسو ۽ ھڪ نامعلوم فرار ٿي ويا جڏھن ته ھنن جو واسطو بين الصوبائي تيل چوري ڪندڙ گروهه سان ٻڌايو وڃي ٿو. ھوڏانھن اھو پڻ معلوم ٿيو آهي ته ڄاڻايل ڏوھاري اھو ڪچو پيٽرول مختلف پيٽرول پمپن تي مھيا ڪندا آهن جتي ملاوٽ ڪري وڪرو ڪيو ويندو آهي جنھن سان گاڏين جي انجڻن کي نقصان پھچندو آھي.۽ ان سان گڏوگڏ ملڪ جو پڻ قومي نقصان ٿيندو آهي.