نيوسعيدآباد (ن پ ا) سماجي تنظيم اين آر ايس پي پاران ٻيلو کاتو مٽياري جي سھڪار سان ماحوليات جي عالمي ڏينهن تي تقريب منعقد ڪئي وئي، ماحول جي تحفظ لاءِ ڳوٺ ميوو ٻلال ۾ 250 کان وڌيڪ ميوي ۽ سھانجڙي جا ٻوٽا پوکيا ويا، سماجي تنظيم اين آر ايس پي پاران هالا جي ڳوٺ ميوو ٻلال ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ آسپاس ڳوٺن جي ڳوٺاڻن، آبادگارن، هارين، سماجي اڳواڻن، عورتن، صحافين ۽ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي، مقامي سھڪاري تنظيم ڀاڻوٽ جي اڳواڻ اين آر ايس پي جي نمائندن پروگرام مينيجر نظر حسين جويو، ڊسٽرڪٽ پراجيڪٽ آفيسر وحيد حيدر زئور، ٻيلو کاتو جي ڊويزنل فاريسٽ آفيسر عابد رند، ضلعي مٽياري جي سماجي اڳواڻ رحمت الله ٻلال ۽ ٻين چيو ته گلوبل وارمنگ، سامونڊي گدلاڻ، وڌندڙ انساني آبادي ۽ فضلي جي ناقص نيڪال سبب ماحول کي خطرا درپيش آهن جنهن جا اثر انساني آبادي تي پئجي رهيا آهن، وڻ پوکڻ سميت مختلف سرگرمين ذريعي ماحول جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ اسان سڀني ڳوٺاڻن ۽ علائقي واسين جو پڻ اهو فرض آهي ته وڌ کان وڌ وڻ پوکيون ۽ اهڙيون سرگرميون علائقائي سطح تي سڄو سال جاري رکون جنهن سان ماحول جي تحفظ کي يقيي بڻائي سگهجي.