لاهور (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار عوامي رابطن بعد ڪابينا ۽ انتطامي ٽيم ۾ پاڻ تبديلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب وزيراعليٰ عثمان بوزدار ڪجهه  ڏينهن ۾ ڪابينا ۽ انتظاميه ۾ تبديلي ڪندو، وفاق سان مشاورت نه ڪندو، ذريعن موجب وزيراعليٰ پنجاب ٽن سالن تائين صوبي ۾ تبديليون وفاق جي مشاورت سان ڪيون، هاڻ هن باقي 2 سالن ۾ پاڻ تبديليون ڪري فرنٽ فوٽ تي کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن موجب چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ آءِ جي کي هڪ ٻن ڏينهن ۾ هٽائڻ جو امڪان آهي، وڏو وزير عثمان بوزدار آءِ جي پنجاب ۽ ٻين ڪامورن جا نالا پاڻ وفاق کي ڏيندو، آفيسرن جي تبديلي لاءِ وفاق سان رابطو به ڪري ورتو آهي، واضح رهي ته گذريل هفتي وڏي وزير 8 ڊي سي ۽ ڪيترائي سيڪريٽري تبديل ڪيا هئا. ذريعن موجب ڪابينا ۽ ڪامورن ۾ تبديلي جو فيصلو امن امان جي صورتحال سبب ڪيو ويو آهي.